يو سي 7 ڳڙهي خدا بخش (انگريزي: U C 7 Garhi Khuda Bux) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 7 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,698 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳڙهي خدا بخش ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ڳڙھي خدا بخش سابق وزيراعظم ذولفقار علي ڀٽو جو اباڻو ڳوٺ آھي جتي انھن جو خانداني قبرستان واقع آهي. محتر نه بينظير ڀٽو ھڪ وڏو مقبرو ٺھرايو جنھن م سر شاھنواز ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ٻہ پٽ مير مرتضي ڀٽو ۽ مير شاھنواز ڀٽو دفن ٿيل ھيا. بينظير ڀٽو پڻ شهيد ٿيڻ بعد ان مقبري اندر دفن ٿي. ڳڙھي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اباڻو گھر پڻ واقع آھي جيڪو ھن وقت محترمه بينظير ڀٽو جي اولاد جي ملڪيت آهي. ڀٽو خاندان جي مٿي ڄاڻايل شخصيتن جون ورسيون پن اتي ملھائيون وينديون آهن ۽ پري پري کان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ۽ ھمدرد اتي اچي شرڪت ڪندا آهن. ڳڙھي خدا بخش ۾ ھڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لغاري، ڀٽا، پتافي، ڪلھوڙا، سولنگي، ابڙا، ڪوريجا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ ڳڙهي خدا بخش (آبادي 2,579) ، ديھ ڪٻڙو (آبادي 3,168)، ديھ ملان ڪلھوڙو (آبادي 2,586)، ديھ يارو پتافي (آبادي 3,774), ديھ دودا خان ڀٽو (آبادي 2,591)، ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش، ڳوٺ چانڊيو پتافي،ڳوٺ راضي پتافي ڳوٺ الھورايو سولنگي، پنجو ديرو، ڳوٺ پنجو ابڙو ، پنجو ديرو, ڳوٺ ڪوريجا، ۽ ٻيا شامل آهن.

ڳڙھي خدا بخش
يو سي 7 ڳڙهي خدا بخش
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 7
ڀٽو خاندان جو مقبرو
ڀٽو خاندان جو مقبرو
ڳڙھي خدا بخش is located in سنڌ
ڳڙھي خدا بخش
ڳڙھي خدا بخش
ڳڙھي خدا بخش is located in Pakistan
ڳڙھي خدا بخش
ڳڙھي خدا بخش
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′28″N 68°19′46″E / 27.69111°N 68.32944°E / 27.69111; 68.32944مڪانيت: 27°41′28″N 68°19′46″E / 27.69111°N 68.32944°E / 27.69111; 68.32944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,698

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين بابر حميد ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين محمد اسحاق چنو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جو اعجاز احمد لغاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاء ھتي ھڪ رورل هيلٿ سينٽر قائم ٿيل آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/