ڳوٺ ڳاڙهي انگريزي (Goth Garhi)خيرپور ناٿن شاه تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ جو نهايت قديم ۽ تاريخي ڳوٺ آهي جيڪو گاج ندي جي ڪناري تي آهي. هيءُ ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلھوڙو ٻڌرايو هو جيڪو سندس ڏينهن ۾ ميانوال تحريڪ[1] جو مرڪز رهيو. هت ميان نصير محمد هڪ دائرو ۽ عاليشان مسجد جوڙائي هئي. مسجد اڄ به صفحه هستي تي موجود آهي. فارسي ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ ۾ هن ڳوٺ جو ذڪر “کاري” نالي سان ملي ٿو جيڪواصل ۾ ڳاڙهي آهي. ڳاڙهي کي روايتن ۾ عورت سان منسوب ڪيو ويندو آهي جيڪو درست نه آهي. ڳوٺ ڳاڙهي تي نالو آس پاس جبلن جي ڳاڙهي واريءَ جي دڙن جي ڪري پيو. [2] ھن تاريخي ڳوٺ جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ به ڪيو آهي.

حوالا سنواريو