گوجال وادي (واخي: وادی گوجال، ڪرغز: گۉجال ۅرۅنۇ)، جنهن کي اپر هنزا به سڏيو ويندو آهي، اتر۔اولھہ پاڪستان ۾ واقع آهي. هن جون سرحدون، خنجراب لڪ وٽ چين سان ء چاپرسان وادي ۾ افغانستان سان لڳن ٿيون. سال 2019ع ۾، گوجال وادي هنزا ضلعي اندر ٻيو ڪاراچوڪر سب ڊويزن بڻجي ويو. هي جاگرافيائي لحاظ کان گلگت بلتستان جو سڀ کان وڏو سب ڊويزن آهي.

گوجال يا اپر هنزا ڪيترن ئي وڏين ۽ ننڍين وادين تي مشتمل آهي، جن جون سرحدون ڏکڻ ۾ وچ هنزا، اتر۔اوڀر ۾ چين ۽ اتر اولهه ۾ افغانستان سان ملن ٿيون. عين آباد اپر هنزا جي گوجال جو پهريون ڳوٺ آهي. شمشال، مسگار ۽ چاپرسان جي وادين کان سواءِ گوجال، اپر هنزا جا سڀ ڳوٺ قراقرم هاءِ وي (KKH) کان ڏسي سگهجن ٿا، جيڪا گوجال پار ڪري، خنجراب لڪ وٽان چين ۾ داخل ٿئي ٿي. گوجال علائقي ۾ 20,000 اسماعيلي باشندا آهن.[1] [2] [3] [4]

حوالا سنواريو

  1. "National Geographic: Remote Gojal in N. Pakistan Where 20,000 Ismailis Live is Nothing Like You'd Expect". "National Geographic: Remote Gojal in N. Pakistan Where 20,000 Ismailis Live is Nothing Like You'd Expect". 2016-10-25.
  2. Abdullah Jan, Abdullah Jan (2008). Tarikh Dawat-i-Ismailia Shumali Elaqa Jat (first ed.). Islamabad: Minrowa. Abdullah Jan, Abdullah Jan (2008). Tarikh Dawat-i-Ismailia Shumali Elaqa Jat (first ed.). Islamabad: Minrowa.
  3. Zafar Iqbal, Zafar Iqbal (2017). Diverse and Adventurous History of Hunza (first ed.). Gilgit: North Books. Zafar Iqbal, Zafar Iqbal (2017). Diverse and Adventurous History of Hunza (first ed.). Gilgit: North Books.
  4. Qudratullah Beg (1980). Ehdi-Atiq-Hunza (First ed.). Baltit Hunza: H. Shafiqur Rehman. Qudratullah Beg (1980). Ehdi-Atiq-Hunza (First ed.). Baltit Hunza: H. Shafiqur Rehman.