شاھراہ قراقرم (قومي شاھراھ 35 يا مختصراً اين-35) پاڪستان کي چين سان ملائڻ جو زميني ذريعو آھي۔ ھن کي قراقرم ھاءِ وَي ۽ شاھراھ ريشم به چيو وڃي ٿو۔ ھي دنيا جي عظيم پھاڙي سلسلن قراقرم ۽ ھماليہ کي عبور ڪري ٿي۔ دره خنجراب جي مقام تي سطح سمنڊ کان ھن جي بلندي 4693 ميٽر آھي۔ ھي چين جي صوبي سنڪيانگ کي پاڪستان جي اترين علائقن سان ملائي ٿي۔ ھي دنيا جي بلند ترين بين الاقوامي شاھراھ ۔

شاھرا قراقرم

ھي ويھ سالن جي عرصي ۾ 1986ع مڪمل ٿي ھن کي پاڪستان ۽ چين گڏجي ڪري ٺاھيو آھي۔ ھن جي اڏاوت ڪندي 810 پاڪستانين  82 چینين پنھنجي جان ڏني آھي۔ ھن جي ڊيگھ 1300 ڪلوميٽر آھي۔ ھي چيني شھر ڪاشغر کان شروع ٿئي ٿي۔ پوءِ ھنزه، نگر، گلگت، چلاس، داسو، بشام، مانسھره، ايبٽ آباد, ھريي پور ھزاره کان ٿيندي حسن ابدال جي جڳھ تي جي ٽي روڊ سان ملي ٿي۔

سنڌو ، گلگت درياھ، ھنزه درياھ، نانگا پربت ۽ راڪاپوشي ھن سان گڏوگڏ واقع آھن۔

شاھراھ قراقرم جي مشڪل جابلو علائقي ۾ ٺاھيل آھي ان ڪري لئے ھن کي دنيا جو آٺون عجوبو به چوندا آھن۔

پڻ ڏسو سنواريو

  • موٽروي
  • شاھراھ ريشم