گهونگهٽ لاهه ڪنوار

گهونگهٽ لاھ ڪنوار هڪ سنڌي ٻوليءَ جي فلم آهي جيڪا 18 سيپٽمبر 1970 تي ڪراچي ۾ رليز ٿي هئي. [1] هن فلم ۾ سعيده ۽ وسیم اهم ڪردار نڀايو هيو. ان فلم جي لاءِ مشهور ڳائڻي نور جهان ۽ مهدي حسن ٻين سميت پلي بيڪ راڳي هئا.

تفصيل سنواريو

هي سنڌي فلم 18 سيپٽمبر 1970 تي ڪراچي ، سنڌ ، پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي هئي. اها فلم صالح محمد ڀٽي پروڊيوس ڪئي هئي ۽ هدايتڪار غلام حيدر صديقي هيو.[2] هن فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر امداد حسين هو (1930 - 21 فيبروري 2000) ۽ ان فلم جا گيت سيد منظور نقوي لکيا هئا. هن فلم جا ڊائلاگ ليکڪ امر جليل لکيا هئا. [3] اها پهرين اڌ رنگن اڌ بليڪ ان وائيٽ سنڌي پاڪستاني فلم هئي.

پلي بيڪ سنگرز سنواريو

هيءَ فلم پنهنجي گيتن جي ڪري ڏاڍي مشهور ٿي هئي. مشهور پاڪستاني ڳائڻي نور جهاں ۽ مهدي حسن هن فلم جا گانا رڪارڊ ڪرايا هيا. ٻين قابل ذڪر ڳائڻن ۾ روبينا قريشي ، رونا ليلي ، محمد يوسف ۽ اريني پروين شامل هئا . [4]

هن فلم ۾ هيرو جي ڪردار ۾ اداڪار وسیم جي اها پهرين فلم هئي. ان فلم ۾ سعديه ھيروئن ھئي. ٻين اداڪارن ۾ چڪوري، حنيف ، ملڪ انوکو ، عبدالحق ابڙو ، خانم ، بينا ۽ قمر شامل هئا. [2]

حوالا سنواريو

 

  1. "Pakistani film history from 1970". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-04-10. 
  2. 2.0 2.1 Pakistan, Film Magazine. "Ghoonghat Laye Kanwar". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-04-10.  حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name ":0" defined multiple times with different content
  3. "سنڌي فلمون پسمنظر ۽ تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-10. 
  4. Mughal, Mahmood (2015). Ghoonghat Lah Kunwar. In Sindhu Talkies (Sindhi Filmen Ji Katha), history & data of Sindhi films (First ed.). Hyderabad, [Sindh]: Endowment Fund Trust for Preservation of the Heritage of Sindh.. ISBN 978-969-9860-07-2. OCLC 949912369. https://www.worldcat.org/oclc/949912369.