گل شاھ
ديھ شاھ(انگريزي: Deh Gul Shah ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سجاول جوڻيجو تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سجاول تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ جو نالو ڳوٺ پير گل شاھ جي نالي تان پيل آھي جيڪو ھن ديھ جو اوڀرندي دنگ سان لڳولڳ وھندڙ شھدادڪوٽ برانچ يا ٽانوري شاخ جي پرئين ڪپ تي ديھ محمدي ٽانوري ۾ واقع آهي. اھو ڳوٺ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دؤر يا ان کان اڳ جو آھي ۽ 1880 جي روينيو رڪارڊ جي نقشي م پڻ ڏيکاريل آهي.
گل شاھ (سجاول جوڻيجو) ديھ گل شاھ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Gul Shah | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°53′06″N 68°02′18″E / 27.88500°N 68.03833°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | سجاول جوڻيجو تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,277 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڀرڳڙي، ڳوٺ لقمان سيال، ڳوٺ سھراب سيال ۽ ڳوٺ حسڻ ڀٽي واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ حسن ڀٽي، ڳوٺ علي حسن بروھي ۽ لقمان سيال معروف آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر، اوڀر ۾ ديھ فتح خان ڌامراھو ديھ حيات گوپانگ، ديھ محمدي ٽانوري، اولھ ۾ ديھ کوسا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ لال خان مستوئي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,277 ھئي جيڪا 524 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]