مک مينيو کوليو

ڪوپرنيڪس
(پولش ۾: Mikołaj Kopernik خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Nikolaus Kopernikus.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (جرمن ۾: Niklas Koppernigk خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 19 فيبروري 1473[1][2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 24 مَئي 1543 (70 سال)[1][2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
وجه موت اڌ رنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي،طبيب[5][6]،سفير[7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي لاطيني ٻولي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي فلڪيات،رياضي،ميڪانيات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر ارسطو،جابر بن سنان البتاني،ابو جعفر طوسي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
Nicolaus Copernicus signature (podpis Mikołaja Kopernika).svg 

اڳ ۾ اهو خيال موجود هو ته زمين کتل هئي ۽ سج، چنڊ، تارا مٿس لٿا اڀريا ٿي. اهو رايو نه رڳو عام جي مشاهدي تي بيٺل هو، پر مذهب جي راءِ به ساڳي هئي، جنهن سان ارسطاطاليس ۽ هڪ ٽاليمي تارن جي علم جو ماهر به متفق هئا. جڏهن 1492ع ۾ ڪِرسٽوفر ڪولمبس (Christopher Columbus) مهاساگر پار ڪري وڃي نئين دنيا لڌي، تڏهن يورپ جي اک کلي ته مار! هي جو اسين سمجهي ويٺا هئاسين ته يورپ جي اولهه وارو پاڻي ڌرتيءَ جي حد هئي سو ته صحيح ڪو نه نڪتو. پوءِ ته گهڙي پيا اجهاڳ ۾ ۽ دنيا جو افق تصور ۾ گهڻو وڌي ويو ۽ هر هڪ قدم اڳتي حوصلو وڌائيندو رهين.

1543ع ۾ پولينڊ جي علم هيئت جي ماهر نڪولس ڪوپرنيڪس (Nicolaus Copernicus) ظاهر ڪيو ته زمين کتل نه آهي، پر سج جي چؤڦير خلا ۾ آزاد ڦرندي ٿي وتي. ان جي هاڪار اٽليءَ جي گئليلو گئليلي (Galileo Galilei) ڪئي، جنهن ٽيليسڪوپ سان پوري تحقيقات ڪئي هئي ۽ بيڪن جو همعصر هو پر بيڪن مڇ ئي نه ڇنڊيس، حالانڪ موجوده راءِ موجب کانئس اڳڀرو هو. بيڪن ڪوپرنيڪس جي نظريي کي ٿڏيو ته سندس هڪ ٻئي همعصر برونو اکين تي رکيس. ڇاڪاڻ جو هاڻي ڌرتي ڌڪاڻيل ۽ عرش کان هيٺ ڪيريل ڪانه هئي پر آزاد ۽ عرش واسي هئي ۽ سندس رهواسي ڪنهن به مخلوق کان گهٽ نه هئا پر زور ته هميشه پاڻ کي سچو سمجهي ڪري گذرندو آهي، جيسين سچ زور پڪڙي، کيس ڏوهاري ٺهرائي. سو ويچارو برونو به ڪفر جي فتويٰ هيٺ مذهبي بانيڪارن روم ۾ جيئري جلائي ڇڏيو. 1633ع ۾ گئليلو به ساڳي عدالت جي گرفت ۾ ڪافر ثابت ٿيو. پر توبهه تائب ٿي جان بچايائين. چون ٿا ته توبهه ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گوڏا زمين تان کنيائين ٿي ته وري به دل ۾ آيس ته ڌرتي ته اها ئي پئي ڦري. اڄ ته ڪو اڻ پڙهيل به ائين ڪو نه چوندو ته زمين کتل آهي، جو ڪيترا ته سندس چؤڦير چڪر به ڦري آيا آهن. منصور احمد عباسي پنھنجي مضمون ڪوپرنيڪس ۾ لکي ٿو ”بيڪن جي ڏاھپ بيڪن سان گڏ مري وئي ۽ سندس ڪيل ڪم جو وڏو حصو گم ٿي ويو. هو يورپ جي اونداهين ۾ روشني جي لاٽ هو پر اونده روشني مٿان پردو وجهي ڇڏيو. هو جهڙي دنيا ۾ آيو هو انکي اهڙوئي ڇڏي ويو. اهو شدت پسندن جو دور هو ۽ طاقت انهن جي هٿن ۾ هئي. يورپ جي ميدانن تي وڌيڪ ٻه سو ورهين تائين ڪنهن عظيم شخصيت پير نه پاتو. پوءِ نڪولس ڪوپرنيڪس آيو. هو 1437ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بيڪن وانگر پادري هو. اها ايتري اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي ڇو ته انهي دور ۾ حوصلي مند نوجوانن لاءِ فقط ٻه ڌنڌا ئي هوندا هئا يعني فوج يا چرچ جي نوڪري. ڪوپرنيڪس جيئن ته ڏاڍو ذهين هو تنهنڪري سپاهي ٿي نه ٿي سگهيو. هو پولينڊ جو رهاڪو هو ۽ وسٽولا (Vistula) ۾ ٿارن (Tnorn) سندن ڄمڻ جو هنڌ هو. ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ هو پروشيائي هو. جيڪڏهن ائين آهي ته هو ڪنهن پروشيائي واري عام تصور کان گهڻو پري هو. هو گهڻو ڪري بيمار رهندو هو. مذهبي سوچ رکندڙ ۽ نرم دل ماڻهو هو ۽ انهي سان گڏوگڏ پاڙهو ۽ ڏاڍو نهٺو به هوندو هو. سندس علم جي اُڃ اجهامڻ جي ئي نه هوندي هئي. انهي ڪري هن ڪراڪو (Cracow) ۾ طب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ويانا، بولونيا، فيرارا ۽ روم جي يونيورسٽين ڏانهن ويو. انهن سڀني ادارن ۾ هو ڪنهن جو شيلي شاگرد وانگر رياضيءَ جي پٺيان لڳو رهيو ۽ کيس فلڪيات تي جيڪو ڪتاب هٿ آيو ٿي انهي کي ڳڙڪائيندو ٿي ويو. پوءِ هو چوويهين ورهين جي ڄمار ۾ پادري ٿي فرائين برگ موٽيو ۽ پنهنجي عمر جو گهڻو عرصو اتي ئي رهيو. ڪو به وهم ۽ سنسو هن پادري جي پيرن جي رنجير نه بڻجي سگهيو. هو ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪندو هو ۽ کيس انهي ڳالهه ۾ به يقين نه هوندو هو ته بيماريون خدا جي طرفان اچن ٿيون. ۽ ڪنهن درگاهه تي دعا گهري يا ڪنهن تبرڪ کي هٿ لائي انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن کي فطرت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ جي جرئت هئي ۽ هو پنهنجي مذهبي عقيدتمندي جي باوجود به بائيبل کي ڪو سائنسي ڪتاب نه سمجهي سگهيو. انهي جو مطلب ته ڪو اهڙو ماڻهو پيدا ٿي پيو هو جنهنکي پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻو هو. انهن ڏينهن ۾ پوپ، شهنشاه توڙي عام ماڻهو اهو سمجهندا هئا ته دنيا ساڪن بيٺي آهي. انهنکي ڪڏهن به اها سوچ نه آئي هئي ته اها هٿ جي تريءَ وانگر سڌي آهي. اهي سڀئي چوندا هئا ته زمين ڪائنات جو مرڪز آهي جنهن جي چوڌاري هرشي گردش ڪري ٿي. جيڪو به انهي ڳالهه کان انڪار ڪندو هو انهيءَ کي دين کان ڦريل سمجهيو ويندو هو ۽ ان جو جلداز جلد دوزخ وڃڻ بهتر سمجهيو ويندو هو. اهو پوڙهي بطليموس طرفان يورپ کي ڏنل بهترين ورثو هو. ڪوپرنيڪس دوزخ کي اهڙوئي برحق سمجهندو هو جيترو هو سڀ ماڻهو سمجهندا هئا پر هن ائين نه ٿي سمجهيو ته ڪنهن ماڻهو کي فقط پنهنجون اکيون ۽ دماغ استعمال ڪرڻ جي سبب دوزخ ۾ موڪليو ويندو. هن کي جيڪڏهن ڪي شڪ شبها هئا ته هن انهنکي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ خطرو کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه يونانين جهڙوڪ فيثاغورث جي اها تعليم هئي ته سج هڪ جاءِ تي بيٺو آهي ۽ زمين ان جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي. ڪو پرنيڪس انهي نظريي کان واقف ٿيو ۽ اهو کيس معقول نظر آيو. پر هو جيئن انهي موضوع تي سوچ ويچار ڪندو ٿي ويو ته کيس انهي ڳالهه جو امڪان وڌيڪ نظر اچڻ لڳو ته گردش زمين ڪري ٿي. هن حساب ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهي نتيجي تي پهتو ته بطليموسي پلان بجاء هن نظريي تي ڳالهيون بهتر نموني ٺهڪي اچن ٿيون. هن کي گرهن جي تبديلين جو حساب رکڻ لاءِ (epicycles) ڪم آڻڻا پيا پر انهيءَ جو سبب به سندس اها سوچ هئي ته سڀئي جسم هڪ گول ۾ گردش ڪن ٿا. هن اهو گول وارو نظريو به يونانين ۽ خاص طور ارسطو کان ورتو هو. ڪوپرنيڪس پنهنجا انگ اکر فوري طورعام نه ڪيا. کيس ٻه ڳالهيون روڪي رهيو هيون. هڪ ته کيس پنهنجي درست هئڻ جي مڪمل طور پڪ نه هئي ٻيو ته هو بائيبل کان ڊنل هو. انهي وقت زنده ڪنهن به ماڻهو کان اها ڳالهه نه وسري هئي ته جوشئا سج کي هڪ جاءِ تي بيهڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهو ائين بيهجي ويو هو، پر ڪوپرنيڪس جو اهو عقيدو نه هو ته بائيبل ڪو سائنس جو درسي ڪتاب هو. هو جيئن شخصي خدا ۾ يقين رکندو هو تيئن هو اهي ڳالهيون به مڃيندو هو ته بائيبل مذهبي وحي آهي، خدا جي طرفان آيل آهي ۽ اخلاق جو هڪ بهترين مجموعو پيش ڪري ٿي. هن کي اها به خبر هئي ته ماڻهن جي وڏي اڪثريت بائيبل تي الف کان ي تائين يقين ڪري ٿي، انهي کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي علم جي موجودگيءَ بابت شڪ شبهي جو شڪار آهي ۽ اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي تسليم نه ڪندي جيڪا بائيبل جي بيان جي خلاف هوندي. ماڻهو جيستائين انهن سان متفق هوندو هو تيستائين اهي سهپ ۽ رواداريءَ جو مظاهرو ڪندا هئا. ڪوپرنيڪس ڪنهن تڪليف ۾ پوڻ نه ٿي چاهيو نه ته جنهن ماڻهو پنهنجي طرفان ٿوري سوچ ويچار ڪئي ٿي انهي لاءِ ڪنهن تڪليف ۾ پوڻ دنيا جي سڀ کان سولي ڳالهه هئي. هن پنهنجي نظريي کي رياضي جي ثبوتن سميت حسابي صورت ۾ آندو ۽ پوءِ مسودو ڪنهن جاءِ تي رکي انکي وساري ڇڏيو، پوءِ هو مريضن جي سارسنڀال لهندو ۽ پنهنجون چرچ واريون ذميواريون سنڀاليندو رهيو ۽ گڏوگڏ سوچ ويچار به ڪندو رهيو. هن کي شهرت بابت ذري برابر به پرواهه نه هئي، هن صداقت تائين پهچڻ گهريو ٿي ۽ اها هٿ ڪرڻ کانپوءِ اها ٻين تائين پهچائڻ گهريائين ٿي. تنهنڪري جڏهن جارج جو شم (George Joachim) اچي پڇائون ڪيون ته هن جيڪو ڪجهه دريافت ڪيو هو انهي نوجوان کي ٻڌائي ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجو ڪتاب به ڏيکاريائين. جوشم وٽن برگ جي لوٿرن يونيورسٽي ۾ رياضي جو پروفيسر هو ۽ هو پڻ صداقت جو ڳولهائو هو. اها ڳالهه نه آهي ته لوٿر (جرمني جواصلاحي تحريڪ جو اڳواڻ 1546- 1483ع سنڌيڪار) جي پوئلڳن ڪڏهن بائيبل جي سائنسي ڏاهپ ۾ ڪنهن شڪ شبهي جو اظهار نه ڪيو هو. لوٿر گهڻو پڙهيو هو، گهڻي سوچ ويچار ڪئي هئي ۽ بيماريءَ جي جيوڙڻ ۾ شيطان جي هئڻ جي مخالفت ڪئي هئائين. پر اهڙي ماڻهو به انهي نئين نظريي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ ڪو پرنيڪس کي بيوقوف سڏيو. اهو لفظ جرمن سميت ڪنهن به زبان ۾ اچارڻ ڏاڍو سولو آهي. جوشم پنهنجي چرچ جي اڳواڻ سان سهمت نه ٿيو ۽ فوراً ڪوپرنيڪس جي ڪتاب The Revolution of The Heavenly Bodies) جي ڇپائڻ تي زور ڀريو. ڪوپرنيڪس آڻ مڃي ڇڏي. هو پوڙهو ٿيندو پئي ويو ۽ سندس صحت به خراب ٿيندي پئي وئي. پادري کيس ڪو گهڻو نقصان نه ٿي پهچائي سگهيا. اوچتو موت اچي سمورو معاملو ختم ڪري ڇڏي ها. انهي هوندي به هن ڪي اجايا خطرا نه کنيا. هن پوپ پال ٽئين کي مخاطب ٿيندي مهاڳ لکيو جنهن ۾ تمام مصالحت آميز ۽ معذرت خواهاڻو انداز اختيار ڪندي لکي ٿو: ”آءُ اها ڳالهه بلڪل سولائي سان سمجهي سگهان ٿو ته جيئن ئي ماڻهن کي خبر پوندي ته مون هن ڪتاب ۾ زمين سان ڪاچُرپر منسوب ڪئي آهي ته اهي فوراً رڙيون ڪرڻ لڳندا ته مون ۽ منهنجي نظريي کي رد ڪيو وڃي. مونکي پنهنجي سوچ جي نتيجن سان ايتري به محبت نه آهي جو آءُ انهي جو به خيال نه رکان ته ٻيا ماڻهو انهي بابت ڇا سوچيندا... تنهنڪري مون جڏهن انهي معاملي جو غور سان جائزو ورتو ۽ مونکي جڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ماڻهو جڏهن منهنجي نظريي جي نواڻ ۽ ان جي بظاهر فضول نظر ۾ اچڻ سبب مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳن ته آءُ پنهنجي شروع ڪيل ڪم تان لڳ ڀڳ دستردار ٿيڻ لاءِ به تيار ٿي ويس.“ ڪو پرنيڪس پنهنجي انهي عجيب مهاڳ جي آخر ۾ وري ڏاڍو آزاد ۽ مضبوط انداز اختيار ڪندي لکي ٿو: ”پر جيڪڏهن ڪي اهڙا واندا ڳالهير پيدا ٿي ٿا پون جيڪي رياضي جي ڪابه ڄاڻ نه رکڻ جي باوجود به هنن ڳالهين بابت فيصلو ڏيڻ جو حق ڪم آڻي ٿا وجهن ته مونکي انهي جي ڪابه پرواه نه آهي. آءُ ته انهن جي راءِ کي احمقاڻو چئي ڌڪاري ڇڏيندس.“ اهڙي مهاڳ سان اهو عهد ساز ڪتاب دنيا جي حوالي ڪيو ويو. توهان اهو ڪڏهن به نه سمجهجو ته اهو فوراً مشهور ۽ Best Seller ٿي ويو، ڪڏهن به نه! ماڻهن انهي کي ڌڪاري ۽ رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪوپرنيڪس جي مرڻ کانپوءِ چرچ انهي کي مردود قرار ڏئي ڇڏيو. انهي کي تمام ٿورن ماڻهن تسليم ڪيو جڏهن ته انهي تي کلڻ وارا گهڻا هئا. عام رواجي ماڻهو جي نظر ۾ اهو بلڪل احمقاڻو ۽ ديني عقيدن جي بلڪل خلاف هو. ڪو پرنيڪس خود بهرحال چٿرن چوٽن توڙي واکاڻ کان بچي ويو. هن پوڙهي طبيب پادري کي ٿوري دير لاءِ فرائن برگ ۾ پنهنجا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪار ڪندي تصور ڪريو. هو خدا ۽ انسانن جي خدمت ۾ پوڙهو ٿي چڪو آهي. هن گهڻي سوچ ويچار ڪئي آهي ۽ سخت ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي سندس ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿي ويو آهي. جوشم جڏهن ڪتاب ڇپرائڻ تي زور ڀريو ته انهي ۾ ڪوشڪ نه آهي ته اهو پوڙهو شخص ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن جي سموري زندگيءَ ۾ هن کي غير معمولي شين سان ورلي ئي ڪو واسطو پيش آيو هو. هن انسانن جي ڏکن ڏاکڙن جي ويجهو زندگي گذاري هئي. طبيب ۽ پادري انسانن کي سندن سڀ کان ڏک وارن لمحن ۾ ڏسندا آهن. تنهنڪري اها ڳالهه بلڪل اڻٿيڻي نه ٿي لڳي ته هن ٽيهن ورهين تائين فرائن برگ جي اڌ آبادي جا بار پنهنجن ڪلهن تي کنيا هئا. ڪوپرنيڪس پاڻ کي ڪڏهن به ڪو عظيم ماڻهو نه سمجهيو هو. ارسطو وڏائي سان ڀريل هو ۽ راجر بيڪن پنهنجي ڏاهپ کان با خبر هو پرڪوپرنيڪس جي ذهن ۾ هڪ گهڙي لاءِ به اهو خيال نه آيو هو ته سندس نالو ايستائين زنده رهندو جيستائين دنيا موجود آهي. سندس ڪتاب شايع ٿيڻو هو انهي تي کيس ڏاڍي خوشي ته هئي پر هو ڊنل هو ۽ ڪجهه غمگين به هو. هن کي خبر هئي ته جيڪو ماڻهو اڪيلو هلڻ جي جرئت ڪري ٿو دنيا ان سان ڪهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿي. هن شايد ته هِتي هُتي پنهنجي ڪنهن ويجهي دوست جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري ڇڏيا هئا ته سندس بابت وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ خدا شال سندس مدد ڪري. پر هن کي اها خبر نه هئي ته سندس ڪتاب جڏهن وڏن پادرين جي هٿن ۾ پهچندو ته ڪهڙو ممڻ مچندو. هو خوشي ۽ جوش ۾ ڀريل هو انهي ڪري بيمار ٿي بستري ۾ پئجي رهيو. هو اتي انتظار ڪندو رهيو پر ڪتاب اچڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو ۽ نه ئي موت ٿي آيو. هو ڪمزور ٿيندو ويو پر اڃا سندس اميد باقي هئي. آخر اميد جو ڏيئو به وسامي ويو. هن مان آهستي آهستي روح نڪرندو پئي ويو ۽ پوءِ تڙتڪڙ ۾ ڪتاب جي هڪ ڪاپي هن وٽ آندي وئي. ڪتاب سندس هٿن ۾ ڏنو ويو. انهي تي سندس آڱريون پيار سان ڦرنديون رهيون جو هاڻي اکين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پوءِ هو هڪ ڪلاڪ جي اندر فوت ٿي ويو. بطليموس هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو هو. انهي پادري ۽ ڊاڪٽر جنهن جي هٿن ۾ تازو ڇپيل ڪتاب پڪڙيو پيو هو ۽ پاڻ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو هو. هن انهيءَ ٻهروپيي کي تخت تان لاهي ڇڏيو هو ۽ باغين جي انهيءَ ننڍڙي گروپ ۾ شامل ٿي ويو جن دنيا جي تاريخ تي تمام وڏو اثر وڌو آهي. فرانس بيڪن جنهنکي سائنس اهڙي ماڻهو جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي جيڪو سدائين غلط هو. انهي ڪو پرنيڪس جي وفات کان 50 ورهيه پوءِ لکيو! ”هو جيڪي ڪيتريون ئي ڳالهيون فرض ڪري وٺي ٿو انهن مان هڪ اهڙي شخصيت جو ڏس ملي ٿو جيڪا فطرت ۾ ڪنهن به قسم جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون شامل ڪرڻ نه ٿي چاهي پر شرط اهو آهي ته سندس انگ اکر درست هجن بيڪن رياضي جي ڪابه ڄاڻ نه رکندڙ هڪ اهڙو ڳالهير هو جنهن بابت ڪوپرنيڪس ڌڪارجا لفظ ڪم آندا آهن. هن عظيم فلڪيا تدان جي سچي ڪٿ اِي. ايف. سي مورٽن ڪئي آهي جنهن لکيو ته: ”پوڙهي راهب جي ڌنڌلي تصوير پنهنجي آسپاس موجود سادڙن بيعقل ماڻهن مان مٿي اڀرندي نظر اچي ٿي ۽ انهن تي پوندڙ ڪوهيڙي کي پنهنجي مٿي سان چيري اڀرندڙ سج جا پهريان ڪرڻا جهٽي وجهي ٿي.“ سادي، صابرين ۽ باهمٿ ڪوپرنيڪس سچ لاءِ کوجنائون ڪيون ۽ اهو جڏهن روشني ۾ اچي ويو ته انهي کي سڃاڻي ورتو. هن وٽ نه ئي گليلو جهڙي ڀڙڪا ڏيندڙ ڏاهپ نه ئي ڪيپلر جهڙي رياضيائي طاقت هئي، پر هو اهڙي وقت ۾ بهادر ٿي رهيو جڏهن هن جي چوڌاري سڀ بد اعمال هئا. هو ڄائي ڄم کان روايتن جا بت ڀڄندڙ هو ۽ هن وڏين ڪوششن سان سخت وار ڪري بطليموس کي تباه ڪيو ۽ هڪ وڌيڪ غلطي کي دنيا ما ڌڪي ٻاهر ڪڍيو.

[9][10]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: CC0
  2. 2.0 2.1 مصنف: Arthur Berry — عنوان : A Short History of Astronomy — ناشر: John Murray
  3. 3.0 3.1 3.2 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb118976048 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Open License
  4. 4.0 4.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb118976048 — اخذ شدہ بتاریخ: 22 آگسٽ 2017 — خالق: John O'Connor۽ Edmund Robertson
  5. http://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC1807100/
  6. http://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC1807100/ — عنوان : Copernicus as an Economist — جلد: 49 — صفحہ: 89-103 — شمارہ: 1 — شائع شدہ از: The Economic Record — https://dx.doi.org/10.1111/J.1475-4932.1973.TB02270.X
  7. http://www.glogster.com/extr3m3gamer/nicolaus-copernicus/g-6mfs2maqjsg5nfqrdqfeka0
  8. http://www.surfnetkids.com/go/1215/nicolaus-copernicus/
  9. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  10. ڪتاب: نفسيات (پاڻ سڃاڻ)

ڪوپرنيڪس ليکڪ منصور احمد عباسي