جابر بن سنان البتاني

جابر بن سنان البتاني


[سائنس جي دنيا 1]بن عبداللہ محمد بن سنان بن جابر الحراني، البتاني

نالي ساڻ مشھور ”حران“ ۾ جنم، ۽ عراق ۾ لاڏاڻو، سندن زماني جي ٻئي صدي هجري جي آخري ۽ ٽي صدي هجري جو زمانو آهي، شمارو دنيا جي عظيم ترين فلڪياتي سائنسدانن ۾ ٿيندو آهي، انجو سبب اهوئي اھم نظريات آهن جيڪي انھن ان ميدان ۾ واضع ڪيا. انکان سواءِ حساب ۽ ڪتاب ۾ بہ ڪجهه نظريا واضع ڪيا خلائي جسمن ۽ تارن جي حساب لڳائڻ ۾ مشھور هئا، جابر بن سنان هڪ گھڻي مشاهدي واري جيو ميٽري، ۽ نظريہ عملي فلڪيات ماهر هئو. سندن هڪ اهم ڪڙي جوڙي جنھن ۾ انھن ٻن روشن جسمن ”سج ۽ چنڊ“ بابت پنھنجو مشاهدو لکيو ۽ فلڪياتي حسابن تحت پنج سيارن جي حرڪتن کي لکيو. فلڪيات ۽ جغرافيائي تي جابر بن سنان ڪيترا ئي مضمون لکيا سندن جي ٺاهيل فلڪي ٽيبل ۽”حرڪتي ڏور وٿي“  اسان تائين پهچڻ واري صحيح حرڪت آهي ڪارلو بللينو جي تحقيق کان 1899ع عيسوي ۾  اسپين جي لائبريري ۾ محفوظ ڪتاب”الزيج الصابي للبتاني“ پڌري ٿي. جنھن ۾ سٺ کان وڌيڪ اهم فلڪيات موضوع بحث هيٺ ورتا ويا، جنھن ۾ فلڪي دائري کي الڳ ڪرڻ ۽ انجي حصن کي پاڻ ۾ ضرب ۽ الڳ ڪرڻ، حسابن سان تارن جي حرڪتن جو پتو لڳائڻ ۽ انھن جون جڳھون ٺاهڻ، يونانين جي جاميٽري طور حل ڪيل گهڻن مسئلن جي صحيح رياضياتي حل دريافت ڪيا، گرمي ۽ ٿڌ جي ويليو-قيمت صحيح ۽ ڏينھن جي نسبتي (سج جي ويجھو گھمڻ جي نسبت کان زمين جي پنھنجي ويجھو چڪر جي جھڪ) جي ويليو-قيمت لکي، دريافت ڪيو تہ اها ويليو-قيمت 23 درجا ۽ 35 منٽ آهي، اڄ جيڪا صحيح قيمت آهي اها بہ 23 آهي جيڪا انھن جي اهم فلڪياتي دريافت آهي. جابر بن سنان البتاني شمسي سال جو عرصو ماپيو ۽ انھن جي ماپ ۾ خالي ٻن منٽن ٻاويھ سيڪنڊن جي غلطي ڪئي.[سائنس جي دنيا 2]

حوالا سنواريو


حوالي جي چڪ: "سائنس جي دنيا" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="سائنس جي دنيا"/> نہ مليو