ڪوٽ نبي بخش
ديھ ڪوٽ نبي بخش(انگريزي: Deh Kot Nabi Bux) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پٺاڻ ۾ واقع آهي.
ڪوٽ نبي بخش (شھدادڪوٽ) ديھ ڪوٽ نبي بخش | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kot Nabi Bux | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°51′38″N 67°53′23″E / 27.86056°N 67.88972°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,120 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي 1922 واري ديھن جي نقشي مطابق ھي ديھ ٻن حصن م ورھايل ھئي: ڪوٽ نبي بخش نمبر 1 ۽ ڪوٽ نبي بخش نمبر 2. پھرين حصي ۾ ڪوبہ ڳوٺ واقع ڪانه ھيو پر ٻئي حصي ۾ آبادي واقع ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ محمد حسن بروھي ۽ ڳوٺ فيروزآباد واقع آهي.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گرگيج، ڏکڻ اوڀر ۾ ديھ پٺاڻ، ڏکڻ اولھ ۾ ديھ نورپور اولھ ۾ ديھ ڪوٽ ڪارڙا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. جن ديھ مان لغاري شاخ گذري ٿي. ديھ جو اوڀر واري دنگ لڳ شھدادڪوٽ ڳڙهي خيرو روڊ واقع آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,120 ھئي جيڪا 516 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].