'ڳڙهي خيرو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد جو هڪ شهر ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي. روڊ رستي ھي شھر جيڪب آباد ، شھدادڪوٽ ۽ استاد محمد سان ڳنڍيل آھي . شھر جي آبادي سنڌي ۽ بلوچ ذاتين وارن ماڻھن تي مشتمل آهي جن ۾ جمالي، بليدي ، ، لغاري ڪثرت ۾ آھن . ھتي ڪافي ھندو خاندان بہ رھن پيا . ھي ھڪ ننڍو ۽ معاشي طور تي پوئتي پيل شھر آھي جتي بنيادي سھولتن جو ڏاڍو فقدان آھي. شھر جي جاگرافيائي بيھڪ ڊگري اتر طرف 28° 4' 0" 67° 59' 0 ڊگري اوڀر طرف آھي.ھتان جي آبهوا اونھاري ۾ انتھائي گرم 48 سينٽي گريڊ کان بہ وڌيڪ ھوندي آھي ۽ سياري ۾ سرد ۽ خشڪ .2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي شھر جي ستن مان ڇھ وارڊن تي چونڊ کٽي [1] سياسي طور تي ھن شھر جي سنڌ اسيمبلي واري تڪ تي مير شاھنواز جمالي جي شاھلياڻي خاندان جا فرد چونڊجندا رھيا آھن جن ۾ سندس پٽ مير غلام محمد شاھلياڻي ۽ مير گوھر شاھلياڻي ۽ پوٽي مس سائره شاھلياڻي شامل آهن.

ڳڙھي خيرو
ڳڙھي خيرو is located in سنڌ
ڳڙھي خيرو
ڳڙھي خيرو
ڳڙھي خيرو is located in Pakistan
ڳڙھي خيرو
ڳڙھي خيرو
جاگرافي بيهڪ: 28°04′N 68°15′E / 28.067°N 68.250°E / 28.067; 68.250
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو جيڪب آباد ضلعو
تعلقو ڳڙھي خيرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,632

نالو سنواريو

ڳڙھي ڳڙھ مان نڪتل آهي. ڳڙھ جي معنيَ ڪوٽ يا قلعو آھي. ڳڙھي جي معنيَ ننڍڙو ڪوٽ آھي. خيرو اصل ۾ ذات جو جمالي ھيو. نالي جي معنيَ آهي خيري جمالي وارو ڪوٽ. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880 وارن ديھن جي نقشن ۾ ھن شھر کي ڳڙھي خيرو جمالي جي نالي سان ظاھر ڪيو ويو ھو.

آدمشماري سنواريو

ڳڙهي خيرو تعلقي جي آدمشماري 1 مارچ 1998 ۾ 117,207 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 جي آدمشماري ۾ وڌي 158,360 ٿي وئي جنھن مان شھر جي ٽائون ڪميٽي جي آدمشماري 12,632 آهي باقي145,728 ٻھراڙيءَ۾ رھندڙ آھي.[2]

حوالا سنواريو