ڪوٽ غلام محمد
ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي يا ڪوٽ غلام محمد(انگريزي: Kot Ghulam Muhammad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص جو ھڪ شھر ۽ تعلقي ڪوٽ غلام محمد جو صدر مقام آهي. ھن شھر جو پراڻو نالو جيمس آباد ھيو پر پوء نالو تبديل ڪري بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي نالي تي ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي رکيو ويو. [1] شھر ميرپورخاص جي ڏکڻ اوڀر ۾ 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ، سامارو جي اولھ ۾ ۽ ڊگھڙي جي اتر ۾ واقع آهي.[2]هيءُ شهر مشهور انگريز جيمس برنس اوڻيهين صديءَ ۾ جوڙايو. 1920ع ۾ هن کي تعلقي جي حيثيت ملي. هن شهر ۾ هڪ ٽائون ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. روڊ رستي هيءُ شهر ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. هن وقت جيمس آباد کي سنڌ جي محب وطن سياستدان، غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي ’ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي‘ سان سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڀرسان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو خانگي فروٽ فارم ’ڪاڇيلو فارم‘ پڻ موجود آهي.[3]
ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي ڪوٽ غلام محمد | |
---|---|
سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 25°17′14″N 69°15′7″E / 25.28722°N 69.25194°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ميرپورخاص ضلعو |
حوالا
سنواريو- ↑ Kot Ghulam Muhammad (Formerly Jamesabad)
- ↑ "Distance calculation".
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011