جيمس آباد
جيمس آباد ضلعي ميرپورخاص جو شھر ڪوٽ غلام محمد جو پراڻو نالو.
جيمس آباد | |
---|---|
شھر | |
عرفيت: ڪوٽ غلام محمد | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 25°17′09″N 69°15′11″E / 25.28583°N 69.25306°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ميرپورخاص ضلعو |
جاگرافي
سنواريوميرپورخاص کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هيءُ شهر مشهور انگريز جيمس برنس اوڻيهين صديءَ ۾ جوڙايو. 1920ع ۾ هن کي تعلقي جي حيثيت ملي. هن شهر ۾ هڪ ٽائون ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. روڊ رستي هيءُ شهر ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. هن وقت جيمس آباد کي سنڌ جي محب وطن سياستدان، غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي ’ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي‘ سان سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڀرسان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو خانگي فروٽ فارم ’ڪاڇيلو فارم‘ پڻ موجود آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011