ڪوٽڙي تعلقو
ڪوٽڙي تعلقو (انگريزي: Kotri Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ڪوٽڙي شھر آھي. هن تعلقي جا وڏا شهر ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو آهن.
ڪوٽڙي تعلقو تعلقو ڪوٽڙي | |
---|---|
تعلقو | |
Kotri | |
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: Kotri Taluka 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڄامشورو |
پکيڙ | |
• ڪل | 1,276 ڪ.م2 (493 ميل2) |
بلندي | 17 ميل (56 ft) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 437,561 |
مردم نگاري
سنواريوھن تعلقي جي پھرين مارچ 1998 ۾ آبادي 207574 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 واري آدمشماريءَ ۾ وڌي 437561 تي پھتي. تعلقي جي پکيڙ 1276 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان نسبتن سان آبادي جي گھاٽائي 342.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ۾ رھندڙ آھن. 2017 ۾ شھري آبادي 293778 ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي 143783 ھئي.اھڙي طرح شھري آبادي 67.1 ۽ ٻھراڙيءَ واري آبادي 32.9 سيڪڙو ھئي. شھري آبادي ڪوٽڙي شھر ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ۾ رھندڙ آھي[1].
تعليم
سنواريوھن تعلقي ۾ سنڌ جا وڏا نالي وارا تعليمي ادارا آھن جن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شامل آهن.ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ ڄامشورو ڪاليج آف نرسنگ شامل آهن.
صحت
سنواريوھن تعلقي ۾ ڪوٽڙي شھر ۾ سول ھاسپيٽل، بھار ڪالوني ۾ گورنمينٽ چيسٽ ھاسپيٽل، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچنگ ھاسپيٽل واقع آھن جتي روز ھزارين ماڻھن جو علاج ٿئي ٿو.
يونين ڪاؤنسلون
سنواريونمبر | يونين ڪائونسلون | آبادي (1998) | آبادي (2017) |
---|---|---|---|
1 | يو.سي.ڪوٽڙي(شھر) | ||
2 | يو.سي. نانگو لين(شھر) | ||
3 | يو.سي. حاجي مانجھو شورو(شھر) | ||
4 | يو.سي.سون ولھار I | ||
5 | يو.سي. سون ولھار II | ||
6 | يو.سي. سون ولھار III | ||
7 | يو.سي. الله بچايو شورو | ||
8 | يو.سي. ڄامشورو | ||
9 | يو.سي. موڙھو جبل | ||
10 | يو.سي. انڙپور (پيٽارو) |
ديھون
سنواريوڪوٽڙي تعلقي ۾ ڪل 26 ديھون واقع آهن.
# | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | اَنڌِي جي ڪَسي | 2 | بڊا جاگير | 3 | بڊا ريئتي | 4 | ٻيلو گھگھ |
5 | ڇِٻ | 6 | ڊڀون | 7 | ڪانڌ وِنگو | 8 | ڪڙو کوھو |
9 | خانپور | 10 | ڪوٽڙي | 11 | مانجھو جاگير | 12 | مانجھو ريئتي |
13 | موڙھو جبل | 14 | مولاس | 15 | ننڍي بھڻي | 16 | پيٽارو جاگير |
17 | پيٽارو ريئتي | 18 | رَاھِڙ | 19 | رئلو | 20 | سالوئي |
21 | سون ولھار | 22 | تانگو | 23 | تڙبند | 24 | اکري ڪس |
25 | وِئِي | 26 | وڳڻ واڙي |