هيءُ ڪجهه وقت اڳي سنڌو درياهه جو مشهور تَڙ يا پَتَڻُ هو. ڪوٽڙي تعلقي جي ٻُڍاپور ۽ انڙپور جي تَرَ جو مال هن -تڙ- -تان- ايندو ويندو هو. هيءُ ٻيڙين جي ميلُ ڪري بيهڻ وارو -تڙ- هو، جو هن هنڌ درياهه جو ڇڇ هو، -جتي- لهر ماٺي رهندي هئي. -پتڻ- جي ٻنهي پاسن کان مالدار ماڻهو وڻن جي ڇانوَ ۾ کٽولا وجهيو ويٺا هوندا هئا. علائقي ۾ کير، ڏڌ ۽ مکڻ -جام- هوندو هو. شام جو کير جا ساڙها ڀرجي ايندا هئا، -جن- جي عيوض ملاح، چانور، -بصر-، مرچ ۽ ڪڻڪ، ڀاڳين کي ڏيندا هئا. پيدائش جي لحاظ کان سنڌو درياهه جو هيءُ هڪ وڏو -پتڻ- ۽ -بندر- ليکبو هو. درياهه جي اُڀي کان وڏن بيراجن جي ٻڌجڻ ڪري اڄ جيئن سنڌو درياهه جو، تيئن اُن جي هِن -پتڻ- جو اوج به باقي نه بچيو آهي.[1]

حوالا سنواريو