ڪوٺي (انگريزي: Kothi) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,571 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ديھ ڪوٺي، ديھ ذڪريو مھيسر ۽ ديھ سچيڏنو ڪلھوڙو واقع آهن جن مان ديھ ڪوٺي ۾ ڪوٺي نالي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مھيسر، جاگيراڻي، مگسي، مھيري، آريجا، ڇٽا، کوسا، مغيري ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ٿري ڇٽو، ڳوٺ شير محمد مھيري، ڳوٺ پيارو مگسي، ڳوٺ آريجا ڦاڙو، ديھ زڪريو مھيسر (آبادي 7,461) جتي ڳوٺ زڪريو مھيسر واقع آهي ، ديھ ڪوٺي (آبادي 6121) جنھن ۾ ڳوٺ ڪوٺي واقع آهي، ديھ سچيڏنو (آبادي 2089)،. ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪوٺي
يو سي 12 ڪوٺي
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ڳوٺ
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 1
ڪوٺي is located in سنڌ
ڪوٺي
ڪوٺي
ڪوٺي is located in Pakistan
ڪوٺي
ڪوٺي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°38′58″N 68°08′58″E / 27.64944°N 68.14944°E / 27.64944; 68.14944مڪانيت: 27°38′58″N 68°08′58″E / 27.64944°N 68.14944°E / 27.64944; 68.14944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,571

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فياض حسين مھيسر ۽ وائيس چيئرمين ڀليڏنو خان. جاگيراڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ٿري ڇٽو جو عامر زيب جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/