ڪارل لينيوئس


ڪارل لينيوئس(انگريزي: Carl Linnaeus ) 23 مئي 1707 ۾ پيدا ٿيو ۽ 10 جنوري 1778 ۾ وفات ڪيائين. ھن کي معزز مقام ھجڻ ڪري ڪارل وان ليني پڻ سڏيندا هئا. [1] (Swedish pronunciation: [ˈkɑːɭ fɔn lɪˈneː] (About this sound ٻڌو)). پاڻ سويڊن جو مشھور ماھر نباتات ۽ ماھر حيوانات ۽ طبيب جنھن جاندارن ۽ ٻوٽن کي حياتياتي نالا ڏئي انھن جي نالن جو جديد نظام ترتيب ڏنو. جنھن ڪري کيس جديد ٽيڪسانامي جو ابو سمجھيو ويندو آھي. [2] ھن جون اڪثر لکڻيون لاطيني ٻولي منجھ آھن ان ڪري ھن جو نالو لاطيني ۾ ڪارلوس لينوئس (1761 بعد ڪارلوس لني) سڏيو ويندو هو. ھي ڏکڻ سويڊن جي علائقي سمئيلنڊ جي ٻھراڙيءَ ۾ پئدا ٿيو. ھن پنھنجي تعليم اپسالا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ 1730 کان ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا. 1735 کان 1738 تائين ملڪ کان ٻاھر نيدرلينڊز ۾ رھيو جتي ھن وڌيڪ تعليم پرائي ۽ پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب قدرت جو نظام : (، لاطيني:Systema Naturae ) ڇپايو. پوء سوئيڊن موٽي اپسالا يونيورسٽي ۾ علم نباتات ۽ طب جو پروفيسر ٿيو. 1740 ۾ ھن سويڊن منجھ ڪيترائي سفر ڪيا جن ۾ ھن کوڙ نباتاتي ۽ حيواناتي جنسن جي سڃاڻپ ڪئي. ھي پنھنجي وفات وقت يورپ جو سڀ کان وڌيڪ مڃيل سائنسدان ھيو. فلاسافر جين جيڪس روسو کيس نياپو موڪليو ھيو تہ "کيس ٻڌائجو تہ مان ڌرتي تي ان کان وڌيڪَ ڪوبہ عظيم ماڻھو نہ ڄاتو آھي."

Portrait of Linnaeus on a brown background with the word "Linne" in the top right corner
ڪارل وان ليني جي آئل پينٽنگ
پيدائش23 مئي 1707(1707-05-23)
رئشولٽ, اسٽينبرولٽ پارش، سويڊن
وفات10 جنوري 1778 (عمر 70 سال)
ھئماربي ، ڊينمارڪ پارش، اپسالا جي ٻاهران، سوئيڊن.
مدفناپسالا ڪئٿيڊرل
59°51′29″N 17°38′00″E / 59.85806°N 17.63333°E / 59.85806; 17.63333
رھائشسويڊن
قوميتسوئيڊش
شھريتسوئيڊن
مادر علميلونڊ يونيورسٽي
اپسالا يونيورسٽي
يونيورسٽي آف ھارڊروجڪ
شھرت جو ڪارڻبنامينل نامنڪليچر
سائنسي درجابندي
ٽيڪسانامي
زال يا مُڙسسارا ايلزبيٿ مورائيئا
اولاد7
سائنسي پيشو
شعبوعلم نباتات
علم حياتيات
علم حيوانات
ادارااپسالا يونيورسٽي
ٿيسز جو موضوعوقتن سان ٿيندڙ تپ جو مفروضو (1735)
مشھور شاگردپيٽر ايسڪينيئس
ليکڪ جو حوالوL.
ليکڪ جو حوالولنيئيوس
Signature
Carl v. Linné

حوالاسنواريو

حوالاسنواريو

  1. Blunt (2004), p. 171.
  2. Calisher, CH (2007). "Taxonomy: what's in a name? Doesn't a rose by any other name smell as sweet?". Croatian Medical Journal 48 (2): 268–270. PMID 17436393.