حياتيات ۾، ٽيڪسانومي (Taxonomy) قديم يوناني لفظن، "τάξις" (ٽيزس، مطلب: ترتيب) ۽ "νομία" (نوميا، مطلب: طريقو) حياتياتي جاندارن کي نالو ڏيڻ، تعريف (Definition) ڪرڻ ۽ گروپن جي درجه بندي جي بنياد تي، سائنسي مطالعو آهي.

حياتياتي جاندارن جي خاصيتن کي ٽئڪسا (Taxa)، واحد: ٽيڪسون (Taxon)، ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهن گروپن کي هڪ درجو ڏنو ويو آهي. هڪ اعلي درجي جو هڪ وڌيڪ شامل گروپ ٺاهيو وڃي ٿو، اهڙيء طرح جديد ٽيڪسانومي ۾ بنيادي درجه بندي کي ڊومين (Domain)، بادشاھت (Kingdom)، فائيلم (Phyllum) جڏهن تي نباتاتيات ۾ فائيلم جي جاءِ تي ڊويزن (Division) استعمال ڪيو ويندو آهي، درجو (Class)، ترتيب (Order)، خاندان (Family)، جينس (Genus) ۽ نوع (Species) ۾ ورهايو ويو آهي.

سويڊن جي نباتاتيات جي ماهر، ڪارل لينئي کي موجوده ٽيڪسانومي جو باني سمجهيو ويندو آهي. هن جاندارن جي درجه بندي ڪرڻ لاءِ هڪ درجه بندي سسٽم تيار ڪيو، جنهن کي لينئنيئن ٽيڪسانومي (Linnaean taxonomy) سڏيو ويندو آهي، جنهن کي جاندارن جي نالن لاءِ بائينوميئل نومن ڪليچر (binomial nomenclatures) پڻ سڏيو ويندو آهي. حياتياتي نظميات جي نظريي، ڊيٽا ۽ تجزياتي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي سان، لينئنيئن نظام جديد حياتياتي درجه بندي جي نظام ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جو مقصد موجود ۽ ناپيد ٻنهي جاندارن جي وچ ۾ ارتقائي رشتن کي ظاهر ڪرڻ آهي.

ٽيڪسانومي (Taxonomy) علم حياتيات جي ھڪ شاخ آهي جنهن ۾ جاندارن جي درجابندي جي لاءِ ٺھيل قانون ۽ جاندارن جي بناوٽ ۾ موجود گڏيل ۽ اختلافي خاصيحتن تي بحث ڪيو وڃي ٿو. ھن علم وسيلي جاندارن جي وضاحت، سڃاڻپ، درجہ بندي ۽ انھن جي نالن رکڻ جي مدد ملي ٿي.

اهڙي سائنسي ڄاڻ يا مشاهدو جنهن جو واسطو جاندارن جي درجي بندي سان هجي ته ان کي جنس بندي يا ٽئڪسانامي (Taxonomy) چئبو آهي (ٽئڪساس - ترتيب ، نامس - قانون )۔ تنهن ڪري ٽئڪسانامي جو واسطو جاندارن جي قانوني ترتيب يا درجي بندي سان هوندو آهي ۔ وصف (Definition ) هي حياتيات جي اهڙي شاخ آهي جنهن جو واسطو جاندارن جي بناوتن هڪجهڙائي ۽ فرق جي تشريح سڃاڻپ درجي بندي ۽ نالي ڏيڻ سان آهي.

جديد درجي بندي جو نظام

سنواريو
 حياتيدائروورهاستبڻياددرجوترتيبخانداننسلجنس
طبقاتي نظام حياتياتي درجابندي جا اٺ وڏا ٽئڪسانامي وارا درجاسانچو:بائيولاجيڪل جنسوار ورڇ\مرڪزي وچ وارا ننڍا درجا ناھن ڏيکاريل

حياتياتي ماهرن جانورن کي لکن قسمن کي مختلف گروھن ۾ ورھائي ڇڏيو آهي جيئن انھن جي مطالعي ۾ آساني ٿئي. مخصوص قسم جي خاصيتن وارن جاندارن کي ننڍن گروھن ۾ تشڪيل ڏنو ويو آهي ۽ انھن جي گڏيل خاصيتن جي بنياد تي وڏا گروھه يعني ڪنگڊم ٺاھيا ويا آهن. ٻہ گروھي ۽ ان کان پوءِ پنج گروھي درجابندي نظام شروع ڪرايا ويا جنھن سان سڀني جاندارن جي باري ۾ مطالعي کي آسان بڻايو ويو. انھن گروھن جا نالا ترتيبوار ھن طرح آھن:

  1. ڊومين
  2. ڪنگڊم
  3. فائلم
  4. ڪلاس
  5. آرڊر
  6. فيملي ۽
  7. جينس ۽
  8. جنس

حياتياتي درجابندي جي بنيادي اڪائي جنس (Species) آهي. جنس اھڙن جاندارن جو گروھه آھي جنھن جون طبيعي خاصيتون ھڪجھڙيون آهن. ويجھڙائيءَ جي ملندڙ جلندڙ اسپيشيز کي گڏائي جينرا (genera) چئبو آهي. جينرا کي گڏائي فيملي، وري فيمليز کي گڏائي آرڊر (Order)، وري آرڊرس کي گڏائي ڪلاسز ۽ ڪلاسز کي گڏائي فائلا (phylla) يا بڻ بڻياد ۾ رکيو ويندو آهي. اھڙي طرح فائلا يا بڻ بڻياد کي گڏائي ڪنگڊمز ۾ رکيو ويندو آهي.

ايپليڪيشن

سنواريو

ڊيٽابيس

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو

سانچو:Branches of biology


.