ولیم شیڪسپیئر

انگلش ڊراما نويس ، شاعر ، اداڪار

وليم شيڪسپيئر (William Shakespeare) انگريزي ادب جو مشھور ڊرامي نگار، شاعر ۽ اداڪار، 26 اپريل 1564ع ۾ ڄائو. شيڪسپيئر کي انگريزي جو ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊرامي نگار پڻ سڏيو وڃي ٿو. شيڪسپيئر کي "انگلينڊ جو قومي شاعر" ۽ "بارڊ آف ايوون" سڏيو وڃي ٿو. شيڪسپيئر 39 ڊراما ۽ 154 چوڏھن سيٽن وارا نظم لکيا. شيڪسپيئر جي ڊرامن جا موضوع تاريخ، رومانيت، مزاح ۽ تجسس رهيا.

وليم شيڪسپيئر

وليم شيڪسپيئر جي تصوير
پيدائش انگلينڊ
وفات ۱۵ اپريل ۱۶۱۶.
انگلينڊ
پيشو ڊراما نگار|شاعر|اداڪار
سَرگَرمُ سالَ c. 1585–1613
سياسي تحريڪ انگلش رينيسان
جيون ساٿي سانچو:ايني ھيٿ وي
سڃاڻپ نشان

سال 1607ع ڌاري شيڪسپيئر جي ڌيءَ، "سوزينا" جي شادي ماهر ڊاڪٽر جان هال سان ٿي. کين سال 1608ع ڌاري ڌيءَ (شيڪسپيئر جي ڏوهٽيءَ)، "ايلزبيٿ" جو جنم ٿيو، جنهن دوران ڊرامو، "دي ٽيمپيسٽ" لکي پورو ڪيائين ۽ ايڪٽنگ ڪمپنيءَ جون سموريون ذميواريون جان فليچر جي حوالي ڪري پاڻ اسٽئرٽفورڊ روانو ٿيو. سال 1612ع ڌاري قانوني معاملا طئي ڪرڻ خاطر لنڊن آيو ۽ دستاويزي بنيادن تي ڪمپني کان عليحدگي اختيار ڪيائين. سال 1613ع ۾ جان فليچر جي گڏيل سهڪار سان آخري ڊرامو "هنري هشتم" (Henry VIII) لکيو. هن عالمي شهرت رکندڙ شاعر ۽ ڊرامه نويس جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي.