کوڙ جي جنگ(انگريزي:Battle at Khore ) کي کور واري جنگ لکيو ويو آهي جيڪا مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 1699ع ڌاري موجده سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ گاج نديءَ جي ڪناري ٽوڙ واري ڳوٺ ڀرسان لڳي [1]جنهن جو آچار فارسي ٻوليءَ ۾ مورخن بگاڙي کور لکيو ۽ جنهن جي تڪليد ۾ انگريزي ٻولي ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيل تايخن ۾ به کور نالو درج ڪيو. اصل ۾ اهو ٽوڙ آهي جنهن کي هاڻ يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي.[2] مغلن ڪلهوڙن کان خراج وصول ڪرڻ چاهيو جنهن جي انڪار تي مغلن دور ۾ تڏهوڪي ملتان ۽ لاهور جي گورنر شهزادو محمد معزالدين[3] لشڪر وٺي سنڌ ڪاهي آيو ته ميان دين محمد ڪلهوڙو جيڪو 1692ع ۾ پنهنجي پيءُ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي وفات کان پوءِ گاڏي نشين ٿيو هو[4] تنهن پنهنجي ماڻهن قاسم ۽ ڪمال کي ٺاھ لاءِ شهزادي موڪليو[5] ۽ خراج قبول ڪيو. مغل فوج واپس ٿي ته شاهه بهارو جي ڀاءُ مقصودي مغلن تي حملو ڪيو ته شهزادي مڇرجي ڳوٺ ڳاڙهي تي حملو ڪيو ۽ ڪلهوڙن کي ڪٽنب سميت گرفتار ڪرڻ چاهيو پر ميان يار محمد ڪلهوڙو فوج گڏ ڪري گاج ڪناري مغل فوج جو مقابلو ڪيو. سخت جنگ لڳي ۽ رتو ڇاڻ ٿي. تحفتہ الڪرام موجب وڏي خونريزي ٿي ۽ علائقو رت جي ريج ۾ ٻُڏي ويو. ساڳو ورجاءُ ٻين تاريخن به ڪيو آهي ته علي احمد بروهي پڻ ڪيو آهي. پروفيسرعبدالله مگسي هن کي کوڙ جو قبرستان لکيو آهي هن جنگ بابت ڪاڇو هڪ اڀياس ڪتاب ۾ به ساڳي ڳالھ لکيل آهي پر عزيز ڪنگراڻي وڌيڪ تحقيق جي روشني ۾ هن جنگ کي ٽوڙ ڳوٺ وٽ جنگ لکيو آهي. هن جنگ ۾ مغل ڪمانڊر راجا گج سنگھ [6]ڀٽي، سورجمل اُڌيپوري ۽ راءِ اُڌي سنگھ کٽي ماريا ويا [7]۽ ڪلهوڙن جي جنرلن ۾ تاجو ليکي اول، جادو فقير ۽ ٻين جان جا نذرانا ڏنا. مغلن جي فتح ٿي. ميان دين محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات هليو ويو.

حوالا سنواريو

  1. Brohī, ʻAlī Aḥmad (1986) (en ۾). History on Tombstones: Sind and Baluchistan. Sindhi Adabi Board. https://books.google.com.pk/books?id=CnVCAAAAYAAJ&q=Battle+at+khore+near+Gaj&dq=Battle+at+khore+near+Gaj&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjHtPHx9M7pAhVxx4UKHXE4BT0Q6AEIKTAB. 
  2. "جوهي تعلقي ۾ ٽوڙ واري جنگ ...عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  3. Rashid, Abdur (1978) (en ۾). History of the Muslims of Indo-Pakistan Sub-continent, 1707-1806. Research Society of Pakistan. https://books.google.com.pk/books?id=yXwBAAAAMAAJ&q=Prince+Muhammad+Muizzuddin+governor+of+Multan&dq=Prince+Muhammad+Muizzuddin+governor+of+Multan&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwja4Jzths_pAhUxxoUKHdumBNwQ6AEIIzAA. 
  4. (en ۾) Sindh Quarterly. Mazhar Yusuf. 1988. https://books.google.com.pk/books?id=E2E8AAAAMAAJ&q=Prince+Muhammad+Mu'izuddin+governor+attack+sindh&dq=Prince+Muhammad+Mu'izuddin+governor+attack+sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjcsaLblM_pAhUhyIUKHa0XBqYQ6AEIJTAA. 
  5. Jhāngiyāṇī, Santdāsu (1987) (en ۾). Shah ʻAbdul Laṭīf and His Times, 1690 A.D. to 1751 A.D.. University of Delhi. https://books.google.com.pk/books?id=2cYNAAAAIAAJ&q=Battle+at+khore+near+Gaj&dq=Battle+at+khore+near+Gaj&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwi-zZat9M7pAhWk4IUKHeSuD1sQ6AEIIzAA. 
  6. Ram, Kewal (1985) (en ۾). Tazkiratul-umara of Kewal Ram: biographical account of the Mughal nobility, 1556-1707 A.D.. Munshiram Manoharlal. https://books.google.com.pk/books?id=exMhAAAAMAAJ&q=Battle+at+khor+near+Gaj++Gaj+Singh&dq=Battle+at+khor+near+Gaj++Gaj+Singh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjAvOed987pAhUBmRoKHbdRAUsQ6AEIKTAB. 
  7. Brohī, ʻAlī Aḥmad (1986) (en ۾). History on Tombstones: Sind and Baluchistan. Sindhi Adabi Board. https://books.google.com.pk/books?id=CnVCAAAAYAAJ&q=Raja+Surajmal+Udhepuri&dq=Raja+Surajmal+Udhepuri&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwimuOzEhM_pAhXIh1wKHZUWCcIQ6AEIJTAA.