کوسو
کوسو يا کوسا (اردو: کهوسہ، انگريزي: Khosa ،بلوچي: کوسگ) ذات بلوچ قبيلي سان تعلق رکي ٿي هي قوم پاڪستان ۾ سنڌ، پنجاب بلوچستان ۽ ايران جي مختلف علائقن ۾ رھي ٿي .بلوچ تاريخ جي مطابق يادوونشي اھيرن(انگريزي: Yaduvanshi Ahirs) سان تعلق رکن ٿا.ھيءُ بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا رندن جي شاخ آھي. کوسا اڪثر جبل جي وٽ سان ڪوھستان جا رھاڪو آھن، خاص بندويراھ ۾ ڪوٽڙيءَ جي الھندي ڏي. انھن جون گھڻيون قومون آھن، جيئن ته جُماڻي، ڇُٽاڻي، دُرياڻي، سھراڻي، جاگيراڻي، شاداڻي وغيره.[1]مغلن جي دؤر ۾ : مڪران، صوبي سرحد، هانسي، حصا، کاڏل، ڀٽ نير، ٿرپارڪر کان سابرمتيءَ تائين پکڙجي ويا. همايون کين سون مياڻي جاگير ڏني هئي[2].
ٻوليون |
---|
مذھبَ |
لاڳاپيل نسلي گروھ |