رند (بلوچ قبيلو)

(رند کان چوريل)

رند: ھي بلوچ رند جو اولاد آھن، جو جلال خان ولد ھرين جو وڏو پٽ ھو. ھنن جو ڏاڏو مير چاڪر خان ھو، جو اچي پھرين بلوچستان ۾ رھيو ۽ پوءِ پنجاب ڏي ويو ۽ سنگھري ۾ وڃي رھيو، جتي ھو مئو. انھيءَ جي اولاد مان رند، ڊومبڪي، جکراڻي، لغاري، کوسا، جمالي ۽ ڪي ٻيون قومون آھن، رندن جون ھيٺون مکيه شاخون آھن: جلالاڻي، چاڪراڻي، ميروزائي، شاھيجا، ارذي، بزدار وغيره. ھيءُ ماڻھو لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي پاسي گھڻا آھن ۽ حيدرآباد جي پاسي به آھن[1]

رند (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

گورچاڻي

مغلن جو دؤر

سنواريو

مغلن جي دؤر ۾ ڪڇيءَ ۾ شوران سندن رياست ھئي. مڪران کان وٺي پنجاب، سنڌ ۽ راجپوتانا تائين پکڙيل آهن. سندن منٽگمري واريءَ رياست تي 1810ع ۾ رنجيت سنگهه قبضو ڪيو.[2] ڪڇيءَ ۾ شوران سندن رياست هئي. مڪران کان وٺي پنجاب، سنڌ ۽ گجرات تائين پکڙجي ويا. سنه 1810ع تائين سندن رياست منٽگمري ۾ قائم رهي، لهڙي سندن رياست هئي. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦُرون ڪرڻ لڳا[3].

ٽالپرن جو دؤر

سنواريو

رندن جي ممتاز قبيلي کي ٽالپر دؤر ۾ وڏا عهدا ملڻ لڳا. سندن سردار تاج محمد خان جي نياڻي سان مير مراد علي خان شادي ڪئي[3]. سردار بهاول خان رند ڪو وقت قلات جي لشڪر ۾ عهديدار هو. سندس پٽ دليل خان ۽ پوٽو يار محمد خان مير فتح علي خان جي ڪچهري ۾ شاهي مهمان ٿيا[3]. فاتح امير هڪڙي سند موجب کين گڏيل جاگير عنايت ڪئي. مير محمد خان رند 1830ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ بهاول خان مير نور محمد خان جي فوج ۾ چئن سون جي دستي مٿان اڳواڻ هو. جھانگارن ۾ کيس جاگير ملي[3].

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو