کاروڇاڻ تعلقو
کاروڇاڻ جو شھر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ٺٽي ضلعي جي تعلقي ڪيٽي بندر ۾ واقع آهي جنھن جي ھن وقت ڪل آبادي پنج هزار جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اڪثريت ھتان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي، ميرپور ساڪرو، ڪيٽي بندر، ڳاڙهو ۽ ابراهيم حيدري ۾ رھائش پزير آھي۔
کارو ڇاڻ | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه کارو ڇاڻ | |
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°03′N 67°35′E / 24.050°N 67.583°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | سجاول ضلعو |
ھي آڳاٽو قديم بندرگاهه پڻ آهي جنھن کي ٻه ھزار پندرهن ۾ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي۔ ھڪ حصو ٺٽي ضلعي جي اندر آھي۔ ٺٽي ضلعي ۾ صرف ھڪ شھر ۽ بندر گاهه واري صورت ۾ آھي۔ ٻيو حصو سجاول ضلعي جو هڪ تعلقو آهي۔