وڏا ڦل (انگريزي: Wada Phul ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل, ديھ ۽ ڳوٺ جو نالو آهي جيڪي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 19 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق يو سي جي ڪل آبادي 8,905 ۽ ديھ ڦل جي ڪل آبادي 4،168 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وڏا ڦل ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي . اھو ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر کان اوڀر طرف سرڪيولر روڊ تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ عباسي (ڪلھوڙا)، جتوئي، ڏاھاڻي، شيخ، جمالي، ميراڻي، کھڙا، ڦل ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ الياس (آبادي 291), ديھ جيئند جتوئي (آبادي 3017), ديھ موريو کھڙو (آبادي 641)، جنھن ۾ ڳوٺ وڏا ڦل واقع آهي ، ڳوٺ دودو سنھڙي، ڳوٺ نور خان جتوئي، ڳوٺ گلڻ شيخ، ڳوٺ شير محمد جمالي، ڳوٺ دولت کھڙو، ڳوٺ پير شير جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ پير شير نالي ھڪ درگاھ واقع آهي.

وڏا ڦل
يو سي 19 ڦل
يونين ڪاؤنسل
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 7
وڏا ڦل is located in سنڌ
وڏا ڦل
وڏا ڦل
وڏا ڦل is located in Pakistan
وڏا ڦل
وڏا ڦل
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′30″N 68°15′13″E / 27.54167°N 68.25361°E / 27.54167; 68.25361مڪانيت: 27°32′30″N 68°15′13″E / 27.54167°N 68.25361°E / 27.54167; 68.25361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 8,905

ڳوٺ دودو سنھڙي ھن يوسي جو ھڪ تمام اھم ڳوٺ آھي جنھن ۾ عباسي (ڪلھوڙا)، دايا، ڪرماڻي، پيرزادہ (صديقي)، گهانگھرا، ڪوري (ميمڻ) ۽ شيخ قبيلا آباد آھن ۽ مکيہ ڳالہ اھا آھي تہ ھن ڳوٺ جا رھندڙتمام شھري (رھاڪو) خداداد صلاحيتن جا مالڪ آھن. ھتان جو ديني ۽ درسي نظام ايترو تہ اھميت جوڳو آھي جوھتانجي درسگاھن مان پڙھي نڪتل شاگرد سٺي درجي جا عالم ءِ ڪجهه وري سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ٻيا کوڙ سارا مقابلي جا امتحان پاس ڪري پاڪستان جي تمام وڏن ادارن ۾ پنھجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. ڊاڪٽر ٿناءُاللہ عباسي (سابق آئي جي، ڪي پي ڪي، ڊي جي ايف آئي اي)، محمد ياسين عباسي (آڊٽ اينڊ اڪائونٽس)، ڊاڪٽرعالم ابراھيم صديقي (نيورو سرجن) ۽ ڊاڪٽرعطا محمد صديقي (نڪ، ڪن، ڳلي جو ماھر سرجن)، انجنيئر آفتاب احمد صديقي سميت ٻين ڪيترن ئي نوجوان آفيسرن جو تعلق پڻ ھن ننڍڙي ڳوٺ دودو سنھڙي سان آھي.

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين آصف علي ۽ وائيس چيئرمين علي رضا ميراڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]. جڏھن تہ سال 2022 واري بلدياتي اليڪشن ۾ محمد عاشق ميراڻي ھن يوسي جوچيئرمين چونڊجي آيو .ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ خاور خان ڏاھاڻي جو سجاول خان ڏاھاڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي.ڳوٺ دودو سنھڙي ۾ گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري ۽ لوئر سيڪنڊري اسڪول موجود آھي جڏھن تہ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو نہ آھي ۽ شاگردن کي لاڙڪاڻي شھر مان تعليم حاصل ڪرڻي پوي.

ڳوٺ دودو سنھڙي ۾ ھڪ ڊسپينسري پڻ آھي جنھن مان تمام علائقي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رھواسي فائدو وٺي رھيا آھن.


ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/