ڏهس لوڪ شاعريءَ ۾ سينگار شاعريءَ سان واسطو رکي ٿو. هن قسم جي بيت ۾ ڏھ تشبيھون، ڏھ ڪنايا، ڏھ استعارا يا ڏھ نالا ڏنا ويندا آهن. اهي ڏھ نالا ڪڏهن هڪ ئي ٻوليءَ مان تہ ڪڏهن وري مختلف ٻولين مان کنيا ويندا آهن. لوڪ شاعريءَ ۾ سگهڙپائيءَ جو هي هڪ اهم قسم آهي، جنھن جي هر بيت ۾ ڪنھن شيءِ جا هڪ کان وڌيڪ نالا ڏجن يا ڏھ نالا ڏجن. ان کي ڏهس نامو چئبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌي.