ھر ملڪ جي لوڪ شاعريءَ (Folk Poetry) تي ملڪي حالتن مطابق، اتي جو مڪاني رنگ رچيل ھوندو اھي، ھر ملڪ جي ”لوڪ ادب“ ۾ شاعر يا انھيءَ موجد جي شخصيت عدم موجود ھوندي اھي. لوڪ شاعريءَ ۾ ڪا بھ ٺاھھ ٺوھھ يا بناوٽ نھ هوندي اھي، ان ۾ تڪلک جي بوءِ به نه هوندي آهي. لوڪ شاعريءَ جي ھر صنف، ادبي ۽ لسانياتي نقطھ نگاھھ کان گھڻو ڌيان ڇڪائي ٿي، سنڌي لوڪ شاعريءَ تي نظر وجھبي تھ ڏسبو تھ سڀني شعبن، شغلن ريتن، رسمن، سورھيائي، سچائي، سخاوت، گھوڙا، ٻيڙا ۽ جانور وغيره ۽ زندگيءَ جا جذباتي پھلو مثلا عشق، حسن، ڏک، درد، جھيڙن جھڳڙن تي عام شاعرن پنھنجا شعر لکيا آهن. سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي دفتر کي پنهنجي لوڪ شاعريءَ ۾ پوري طرح محفوظ ڪيو اھي. سنڌي لوڪ شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع ۽ ڪشادو اھي. ان ۾ مختلف صنفن جي ايتري گھڻائي اھي، جنھن جو دنيا جي ٻين ملڪن جي لوڪ ادب ۾ مثال ملڻ مشڪل اھي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد