سينگار شاعري لوڪ شاعريءَ جي لطيف ۽ روماني صنف آهي، ”سينگار“ سنسڪرت زبان جو ”شرنگار“ لفظ مان ورتل آهي. سينگار بيتن جو مضمون عورت جي سورهن سينگارن، ڳھن، ڳٺن ۽ سونهن وغيره جي واکاڻ هجي. سينگار شاعريءَ کي سگهڙن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي:

  1. صفاتي سينگار
  2. مجازي سينگار

هن شاعري ۾ عورت جي سينگار جي تعريف ڪئي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ اهي سڀ سينگار، جيڪي عورت ڪندي يا انهن جو ذڪر شاعري ۾ ڪيو ويندو آهي. ان قسم جي سورهن سينگارن جو بيان ڪيو ويندو آهي. انهن سينگار جي بيتن ۾ اهي واسينگ وار، ڳل، ڀرون، بادامي ۽ پيڪاني اکيون، روشن پيشاني، اَمونڪ، لعل لب، سروقد، چابڪ چيلهہ جي ڪبڪ رفتاري، ٻانھن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.