ڍورو نارو
ڍورو نارو (انگريزي: Dhoro Naro) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ جو ھڪ شھر جيڪو عمرڪوٽ کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ ڇوڙ واقع آھي. ھي شھر ۾ کوکراپار مونابائو ريلوي لائين تي ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آھي جيڪا ساڌار ھالٽ ۽ فقير ترڪو مڱريو جي ريلوي اسٽيشنن جي وچ ۾ واقع آهي. شھر لڳ حاجي عثمان مڱريو نالي ھڪ وڏو ڳوٺ پڻ واقع آهي.شھر جي پاسي م کپرو کان ايندڙ پاڻي جي ڪئنال جي ڪپ تي ڪئنال روڊ ھن شھر کي کپرو سان ملائي ٿو. فقير جادم مڱريو ھن شھر لڳ ھڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ ھن سياست جي شروعات بہ ھن شھر کان ڪئي. ھن شھر جي ھاء اسڪول م محمد عمر جوڻيجو ڏيپلائي پڻ نوڪري ڪئي.
ڍورو نارو Dhoro Naro | |
---|---|
شھر | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 25°33′52″N 69°30′08″E / 25.56444°N 69.50222°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | عمرڪوٽ ضلعو |
تاريخ
سنواريو36-1935ع ڌاري انگريزن جي آخري ڏهاڙن ۾، ڍوري ناري ۾ خصوصاً مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ ڪن بزرگن هڪ انجمن ٺاهي، جنهن جو نالو ”انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو“ رکيو ويو