جادم مڱريو ناميارو سياستدان عرف فقير جادم ولد فقير وڏڻ مڱريي، 1957ع ڌاري ڍوري ناري لڳ ڳوٺ حاجي ولي محمد مڱريي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.

تعليم سنواريو

پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍوري نـاري ۽ انـٽـرمـيـڊئـيـٽ سـچـل ڪاليج حيـدرآباد مـان پاس ڪيائين. جنهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايم. اي (اقتصاديات) جي ڊگري ورتائين.

سياسي سفر سنواريو

هن سياست جو آغاز ڍورو نارو يـونيـن جـي صـدارت کان 1974ع ۾ ڪيو. 1987ع کان 1989ع تائين ٽائون ڪاميٽي ڍوري ناري جو چيئرمئن رهيو. 1990ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ ’فنڪشنل‘ جي ٽڪيٽ تان صوبائي سيٽ لاءِ چونڊ وڙهيو، سندس مقابلي ۾ بيٺل مير منور ٽالپر کي 360 ووٽن تان ڪاميابي ملي، کيس پير صاحب پاڳاري جي ڀرپور حمايت حاصل رهي آهي. هُو ڄام صادق علي ۽ مظفر حسين شاهه جي وڏ وزارت دوران صلاحڪار رهيو. 1993ع ڌاري ڪجهه عرصو جيل به ڪاٽيائين. 1994ع کان 1996ع تائين ’مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي صدارت جون ذميواريون سنڀاليائين. 03- 2002ع ۾ جڏهن علي محمد مهر سنڌ جو وڏو وزير هو، تڏهن جادم مڱريو ’ڪميونٽي ڊولپمينٽ‘ بابت صلاحڪار مقرر ٿيو، بعد ۾ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران سندس خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، جنهن جو درجو صوبائي وزير وارو هو، ان دوران هو ’فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ‘ بابت صلاحڪار رهيو. ذميوارين دوران هن مهاڻن جي ترقي، فلاح ۽ مالوند ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪجهه پئڪيج منظور ڪرايا ۽ ٺيڪيداري نظام جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون. 2008ع جي چونڊن ۾ هن پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين. اي 234- سانگهڙ تان چونڊ وڙهي ۽ پير صاحب پاڳاري جي حمايت سان ڪامياب ٿيو. يوسف رضا گيلانيءَ جي وزارت عظميٰ دوران کيس ڪجهه عرصي لاءِ ريلوي جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو. ان بعد فشريز، لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊولپمينٽ جو مملڪتي وزير به رهيو.

جيجل ماءُ اسپتال سنواريو

هن حيدرآباد جي علائقي نسيم نگر ۾ ’جيجل ماءُ‘ نالي خيراتي اسپتال به قائم ڪئي آهي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011