انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو جي نالي سان 36-1935ع ڌاري انگريزن جي آخري ڏهاڙن ۾، ڍوري ناري ۾ خصوصاً مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ ڪن بزرگن هڪ انجمن ٺاهي، جنھن جا شروعاتي آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ شروعاتي عھديدار، صدر: هدايت الله ولھاري، جنرل سيڪريٽري: محمد علي پلي، خزانچي: حڪيم محمد امين پلي ۽ پبلسٽي سيڪريٽريءَ لاءِ لطف الله حساماڻيءَ کي چونڊيو ويو. هيءَ تنظيم آخر ۾ مسلم ليگ يونٽ ۾ تبديل ٿي وئي هئي.[1]