ڌاري آبادڪاري اڄوڪي سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ڇو جو هاڻي سنڌ جي اصلوڪن (Indigenous) رهواسين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو ڊپ ورائي ويو آهي. گذريل هڪ صديءَ دوران جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهو آباد ٿيا آهن، اها رفتار هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. ڌرتيءَ ڌڻين جو اهو ڊپ بي بنياد ناهي ته ان رفتار سان ايندڙ ڌاري آباديءَ جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي، سنڌ ۾ هڪ عددي ٿورائي بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل نالي ماتر حقِ حاڪميت به وڃائي ويهندا. سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي اصل شروعات سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ شروع ٿي. انگريزن سنڌ ۾ جيڪو جديد آبپاشي نظام اڏايو، ان سنڌ جي معيشت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. زراعت جي ترقيءَ ۽ زمين جي آباديءَ سان پنجاب مان ماڻهن جي آبادي سنڌ ڏانهن اچڻ شروع ٿي. 1932ع ۾ سکر بئراج جي اڏوات ۽ ان کان پوءِ 1894ع ۾ جمڙائو ڪينال ٺهڻ سان ڌارين خاص طور تي پنجاب جي زميندارن ۽ هارين جي سنڌ ڏانهن اچڻ ۾ تيزيءَ سان واڌ آئي. ڌاري آباديءَ جي ٻي وڏي ۽ سڀ کان ڀوائتي لهر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت آئي، جنهن سنڌي سماج جا بنياد لوڏي ڇڏيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ جي دور ۾ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺهڻ سان نيون زمينون آباد ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي ويتر هٿي ملي. ايوب خان جي دور ۾ اتر کان پٺاڻ آباديءَ ڪراچيءَ ڏانهن منهن ڪيو. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ هاڻي پنهنجي انتها کي پهچي چڪو آهي.

ويهين صديءَ جي منڍ ۾ پنجاب مان آبادي جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ تيزي آئي ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچڻ لڳو ته ڪير سنڌي آهي ۽ ڪير ناهي. ان دور ۾ سنڌو درياءَ ٽرانسپورٽ جو اهم وسيلو هو. 1878ع ۾ ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ ريل جو رستو ٺهڻ کان پوءِ سنڌ عملي طور پنجاب سان ڳنڍجي وئي. 1889ع ۾ سکر وٽ لئسنڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهڻ کان پوءِ آباديءَ جي اچ وڃ ۾ ويتر سولائي پيدا ٿي.

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هاڻوڪي پاڪستان مان اٽڪل 47 لک هندو ۽ سک انڊيا جي ڏانهن لڏي ويا. جڏهن ته اٽڪل 65 لک مسلمان سرحد جي ٻئي پار کان پاڪستان ڏانهن لڏي آيا. اها سموري لڏپلاڻ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ٿي، جڏهن ته سرحد ۽ بلوچستان ڏانهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا لڏپلاڻ ٿي هوندي. هندستان مان لڏي آيلن جي گهڻائيءَ وڏن شهرن ڏانهن منهن ڪيو. 1951ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي شهرن ۾ رهندڙ آباديءَ جو 48 سيڪڙو هندستان مان لڏي آيل هو. آباديءَ جي ان واڌ جو دٻاءُ سڀ کان گهڻو سنڌ جي شهرن تي پيو، جتي 1941ع ۽ 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻئي طرف سرحد صوبي ۽ شهري آبادي 18 سيڪڙو مان گهٽجي 11.3 سيڪڙو ٿي وئي. آباديءَ جي ٻه-طرفي لڏپلاڻ ۾ سنڌ مان 943،000 ماڻهن هندستان هجرت ڪئي، جڏهن ته هندستان مان 1,167,000 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 23 هزار هئا، جن ۾ 1380 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ انهن جو انگ وڌي 479,000 ٿي ويو.

1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 11.85 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندڙ هئي. جڏهن ته ڏهه سال پوءِ 1951ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ موجب شهري آباديءَ جو حصو وڌي 29.2 سيڪڙو ٿي ويو هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ آئي. پاڪستان ڏانهن لڏيندڙن جي 80 سيڪڙو آبادي ڀارتي پنجاب مان آئي، جنهن جو هڪ وڏو حصو پنجاب جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿقافتي طور سمائجي ويو. ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن ايندڙ آباديءَ جو سنڌ سان ڪو به ثقافتي ميلاپ نه هو. پاڻي ۽ تيل جي ميلاپ جيان اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ رهيا. پنجاب جيئن ته هڪ خطو هو، تنهن ڪري ان جي ورهاڱي سبب آباديءَ جي ٻنهي طرف لڏپلاڻ فطري هئي، ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن آباديءَ جي ايڏي وڏي يلغار جو ڪو به اصولي جواز نه هو. هندستان مان ايڏي وڏي انگ ۾ آيل پناهگيرن سنڌ جي مکيه شهر ڪراچيءَ جو ثقافتي مهانڊو ئي بدلائي ڇڏيو.

ٻاهرين آباديءَ سنڌ جي ثقافتي قدرن کي پڻ زبردست ڌڪ رسايو. صدين کان مسلمان ۽ هندو گڏ رهڻ سبب ٻين انيڪ مسئلن جي باوجود مذهبي ڪٽرپڻو ڪڏهن به وچ تي نه آيو هو. ساڳي طرح ڪڏهن به شيعا- سني تفرقو وچ ۾ نه آيو هو. حيدرآباد ۾ 1950ع ۾ پهريون ڀيرو محرم دوران پناهگيرن جي انتهاپسند ٽولن شيعا-سني وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي طرح مئي 1952ع ۾ ڪراچيءَ ۾ احمدين کي نشانو بڻايو ويو. احمدي عقيدي واري پرڏيهي وزير ظفر الله خان جي هلندڙ هڪ گڏجاڻيءَ تي وڳوڙين حملو ڪيو ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ احمدين جي ملڪيتن کي باهيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي مولوين مطالبو ڪيو ته احمدين کي الڳ اقليت قرار ڏنو وڃي. ڪراچيءَ جون اخبارون ۽ پناهگير قيادت هر ٿوري گهڻي ڳالهه تي سنڌي قوم ۽ ان جي ثقافت کي هندن جي باقيات قرار ڏيندي دير نه ڪنديون هيون.

ورهاڱي وقت جڏهن پنجاب ۾ ڀوائتي رتوڇاڻ هلندڙ هئي، سنڌ ۾ رتوڇاڻ جا ڪي به واقعا پيش نه آيا. سنڌ ۾ هندن ۽ سکن تي حملا ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان آيل آباديءَ شروع ڪيا. سيپٽمبر1947ع جي پهرين هفتي ۾ نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ سکن خلاف تشدد جا واقعا پيش آيا. ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ هندن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون ويون. 17 ڊسمبر 1947ع تي حيدرآباد ۾ وڳوڙ ٿيا. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ ٿيا. شڪارپور مان 148 سکن جو قافلو پهچڻ تي 8 هزار کن وڳوڙي ڪٺا ٿي ويا، جن گردواري کي گهيرو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. ايوب کهڙي پاڻ شهر جي علائقن ۾ وڃي وڳوڙن کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پر صورتحال ان جي سنڀالڻ کان چڙهي وئي هئي.

13 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ايوب کهڙي سنڌ مان جٿن جي شڪل ۾ لڏيندڙ هندن تي سخت تنقيد ڪندي چتاءُ ڏنو ته اهڙو قانون ٺاهيو پيو وڃي، جنهن هيٺ سنڌ مان لڏيندڙن کي سواءِ پهرين ڪپڙن ۽ ڪجهه ذاتي شين جي ڪجهه به ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هوندي. 1948ع تائين سنڌ ۾ لڏپلاڻ جي باوجود ڪي به مذهبي وڳوڙ نه ٿيا هئا. جنوري 1948ع ۾ پهريون ڀيرو هندستان مان لڏي آيل پناهگيرن سکن ۽ هندن تي حملا ڪيا. انهن وڳوڙن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ هندن جي گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو ويو. پوليس حالتن تي ضابطو نه آڻي سگهي، جنهن کان پوءِ فوج جي مدد ورتي وئي ۽ ڏهن ڏينهن لاءِ ڪرفيو لڳايو ويو. انهن حالتن ۾ ڪراچيءَ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ تيزي اچي وئي. ٻن هفتن اندر 21 هزار ماڻهو هندستان لڏي ويا ۽ مهيني جي پڄاڻيءَ تائين 40 هزار وڌيڪ ماڻهو لڏي چڪا هئا. سنڌ حڪومت هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر حالتون سندن وس کان نڪري چڪيون هيون اتر سنڌ ۾ انتظاميا کي ڳجهيون هدايتون جاري ڪيون ويون ته ضلعي مئجسٽريٽ جي اجازت نامي کان سواءِ هندن کي سنڌ مان نڪرڻ نه ڏنو وڃي. هندن کي روڪڻ لاءِ ٻيو به شرط لاڳو ڪيو ويو ته کين سنڌ ڇڏڻ وقت انڪم ٽيڪس اختيارين پاران سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو ته مٿن ڪي به سرڪاري رهتون ناهن. ايوب کهڙي هندن کي روڪڻ لاءِ حيلا هلايا پر مارچ تائين چٽو ٿي ويو هو ته وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ ممڪن ناهي. هر هفتي ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج سامونڊي جهاز هلي رهيا هئا، جن جي مجموعي گنجائش 11 هزار مسافرن جي هئي. چار هزار وڌيڪ ماڻهو ڪاٺياواڙ جي رستي تان لڏي ويا. هندستان سرڪار به هندن کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص رستي ٽرينون هلايون ۽ پنهنجي سرحد جي پاسي عارضي ڪيمپون به قائم ڪيون.[1][2]

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري [سنڌي] قوم جي وجود جو سوال سنواريو

سنڌ ۾ ڌارين جو انگ 49 سيڪڙو ۽ سنڌي ماڻهن جو انگ 51 سيڪڙو تي وڃي بيٺو آهي. جيڪڏهن ڌارين جي اها ڪاهه رهي ته سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جو اهڙو حشر ٿيندو، جيڪو فلسطين ۾ فلسطينين سان ٿيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جون سڀئي ڌريون وڏي عرصي کان ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن جدوجھد پئي ڪئي آهي. پر هن وقت تائين ان جو ڪنهن به نموني چٽو نتيجو سامهون نه آيو آهي. سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌين تحريڪ اصل ۾ مھاتما گانڌيءَ طرفان 1942ع ۾ Quit India Movement هندستان خالي ڪريو تحريڪ جهڙي ئي تحريڪ آهي. جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس محسوس ڪيو ته ڌارين (انگريزن) کي ڪڍڻ لاءِ هي وقت مزاحمت جو آهي. ٻي مھاڀاري جنگ سبب انگريز حڪومت ڪمزور ٿي رهي آهي ته ان وقت انهن ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ هلائي. جنهن جو مقصد به سامراج خلاف سڌي جنگ هو ان تحريڪ جا نتيجا بھتر مليا جو انگريز سرڪار ڪانگريس سان ڳالهيون ڪيون ۽ هندستان کي خالي ڪرڻ لاءِ مهلت گهري. اڄ ساڳي تاريخي سڏ کي محسوس ڪندي ڌاريا سنڌ خالي ڪريو تحريڪ هلندڙ آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مخالف مختلف حربا ڪتب آني رهيا آهن. اچو ته انهن جي سازشن کي سمجهون ته اهي ڪهڙي نموني تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نفسياتي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اهڙيون سازشون تاريخ ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهن. [3][4]

حوالا سنواريو

  1. ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل (نصير ميمڻ / اختيار کوکر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-07 
  2. ڪتاب: ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل
  3. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-14 
  4. ڪتاب: سياست، تاريخ ۽ ڪردار