چٽڻي
چٽڻي(انگريزي: Chutney)چٽڻي کي انگريزي ۾ ساس(انگريزي: Sauce) چوندا آهن جيڪا رسيلي ھوندي آھي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ کاڌي طور استعمال ٿيندي آهي.اھا مصالحيدار، نمڪين ۽ کٽاڻ وانگر ھوندي آھي. ان جا ڪيترائي قسم آھن مختلف سبزين، ٻجن يا گلن وارن ٻوٽن(انگريزي: herbs) ,تازن ميون ، خشڪ ميون وغيره ۾ان ٺھندي آھي. عام طور تي ان ۾ ٻيون کاڌي جو شيون ٻوڙي ذائقي طور کاڌيون وينديون آهن جن ۾ پٽاٽو، چشڪ پڪل گوشت، کيرو ، پڪوڙا، ڪچوڙيون، نمڪين بسڪيٽ وغيره شامل آهن.[1][2] اڄڪلھ چٽڻي ۽کٽاڻ جو وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي . پاڪستان ۾ شڪارپور شھر ۾ ڪيترائي ڪارخانا آھن . ان کان سواءِ ڪراچي ۽ ٻين پاڪستاني وڏن شھرن ۾ کاڌن جي صنعت ۾ احمد ۽ نيشنل فوڊ ڪمپنيون چٽڻين ٺاھڻ لاء مشھور آھن. شڪارپور ۾ مولا بخش آچار ۽ سڪندر آچار وارن جي انبن مان ٺھندڙ کٽي مٺي چٽڻي مشھور آھي. چٽڻي ۾ سرڪي جو استعمال ڪثرت سان ٿيندو آهي.[3]
تصوير ۾ سڀ کان ويجھو پيالو ڏھي جو آھي | |
ٻيا نالا | چٽني ، کٽاڻ |
---|---|
ملڪ | ننڍو کنڊ ھند |
علائقو | پاڪستان, ڀارت , بنگلاديش, سري لنڪا, نيپال |
مکيہ شامل جزا | کاڌي وارا مصالحا جيئن لوڻ ، چٽپٽا مصالحہ؛ سبزيون يا ميوا جيئن ساوا مرچ، آلوبخارا، ڊيمزن(انگريزي: Damson)، ٽماٽا، صوف، ناشپتي، بصر، ٿوم، انجير وغيره. |
Media: چٽڻي |
چٽڻي نالو
سنواريوچٽڻي لفظ زبان سان چٽڻ مان نڪتل آھي.ان کي عربي ۾ لعوق، فارسي ۾ ترشا، ھندي ۽ اردو ٻولين ۾ چٽني چوندا آھن[4].
سڃاڻپ
سنواريوهيءَ گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي، مگر هتي ذڪر ميون جي چٽڻين جو آهي، جيڪي ڪنهن ڪچي ميوي کي ڪٽي سنهو ڪري اُن ۾ کنڊ ۽ سرڪي جو قوام ملائي ٺاهيندا آهن[4].
خاصيت
سنواريوبک وڌائي، کاڌي کي هضم ڪري، صفرا جو جوش لاهي. وائي باديءَ کي بند ڪري، وات جي ذائقي ۾ مفيد آهي.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ "Chutney of Empire". hardylane.blogspot.se. حاصل ڪيل 27 October 2017.
- ↑ Bateman, Michael. "Chutneys for relishing". The Independent. حاصل ڪيل 27 October 2017.
- ↑ "2.2. Selecting products and production methods". www.fao.org. حاصل ڪيل 27 October 2017.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو