چوڪنڊي قبرستان (Chaukundi Graveyard) هڪ ابتدائي اسلامي قبرستان آهي، جيڪو ڪراچي، کان 29 ڪلوميٽر (18 ميل) اوڀر ۾ واقع آهي. مقبرا انهن جي وسيع پٿر جي نقاشي لاءِ قابل ذڪر آهن.[1] مقبرن جي طرز ٺٽي جي ويجهو مڪلي قبرستان ۾ موجود وسيع مقبرن وانگر آهي ۽ هيٺئين سنڌ جي فني طرز تعمير جي طرز تي ٺهيل آهن.

چوڪنڊي قبرستان
چوکنڈی قبرستان

چوڪنڊي قبرستان
عام معلومات
قسم مزار
ملڪ سنڌ، پاڪستان
مڪانيت 24°51′50″N 67°16′17″E / 24.863908°N 67.271367°E / 24.863908; 67.271367

عام طور تي مقبرن کي سنڌي قبيلي جوکيو (جنهن کي جوکيا به چيو ويندو آهي) سان منسوب ڪيو ويندو آهي ۽ جوکيو قبيلي جي خانداني قبرستان جي نالي سان مشهور آهي، ٻين سنڌي قبيلن جهڙوڪ برفت، جاکرا ۽ شيخ جا مقبرا پڻ مليا آهن، جيتوڻيڪ هتي ٻين ڪلمتي بلوچ قبيلن کي به دفن ڪيو ويو آهي. اهي خاص طور تي مغلن جي دور ۾ 15هين ۽ 18هين صدي عيسويء ۾ تعمير ڪيا ويا جڏهن اسلام غالب ٿيو.

فن تعمير

سنواريو

دريافت ۽ تحقيق

سنواريو

چوڪنڊي جي معنيٰ

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو
 
مَلير وارو چؤڪُنڊِي قَبرسِتان صدين پراڻو قبرستان

اَسانجا دوستَ چَون ٿا تَہ سِنڌُ جِي موجُودَه حَڪُومتَ تي اَجائِي تَنقِيد ڪَئي وَڃي ٿِي پَر مان اُنھَن جي جَواب ۾ ايترو چَوان ٿو تَہ” گورا تَڏھِن ٿي رَڙِيا جَڏھِن اُٺَ ٿي لَڏِيا“ سِنڌُ حَڪُومتَ جيڪا مُلڪَ خاصُ ڪَري سِنڌُ جِي نِمائِندگِي ۽ خيرَ خُواھِي جِي ڳالِھ ڪَندي نَہ ٿِي ٿَڪِجي اَڄُ جي مَضِمُون ۾ تَوھان کي واضِعُ ۽ حَقيِقَت تي ٻَڌَل ھِڪ اِھڙي لازَوال ۽ شانِدار ماضِي رَکندَڙ اُن ھَنڌَ جي بارَي ۾ ٻُڌائِڻ ٿو چاھِيان جيڪو پَنھِنجي عُروجِي دؤرَ جو پاڻَ گواھُ آھي، ۽ اَڄُ جِي حَڪُومتِ وَقت اِھڙَن عَظيِم ۽ لازَوال عُروجِي دؤرُ رَکندَڙ اُنھَن شَھرَن ۽ تاريِخي ماڳَن جو ڇا حَشَر ڪيو آھي!!

سِنڌُ جِي شانِدار تَھذِيبَ جا رَنگ ڪَراچِي کان ڪَشمور ۽ ڪارُونجَھر کان کِيرٿَر تائِين ھَر ھَنڌ وِکريَل ۽ پَنھِنجي وَقتَ جا ھَزارين داستانَ سيِني ۾ سانڍِيو ھَر اِيندَڙ وِيندَڙ کي پاڻَ ڏي مُتوَجه ڪَرڻ لاءِ خاموش ۽ اُداس شامُن جِيان تَڪِيندي نَظر اَچن ٿا. اِھڙو ئِي ھِڪُ قَديم ۽ خاموش شَھرُ جيڪو ڪَراچِيءَ کان صِرف 20 ڪِلومِيٽرَن جي فاصِلي تي ٺَٽو ويِندَڙ روڊَ تي چَؤڪُنڊِي جي نالي سان مَشھُور آھي. جَنھِن کي سالَن صَديُن کان چَؤڪُنڊِي قَبرسِتان سَڏيو وَڃي ٿو. لَفظُ چَؤڪُنڊِي جي باري ۾ مُختَلِف راءِ موجُود آھِن پَر مَجمُوئِي خِيال ۽ پُختي يَقيِن مُطابِق تَہ چَؤڪُنڊِي يَعنی چارِ ڪُنڊُن وارو، تَنھِن ڪَري چارِ ڪُنڊُن واريُن قَبرُن ھُئڻ ڪَري ھِن کي چَؤڪُنڊِي قَبرسِتان سَڏيو وَڃي ٿو. ھِي عَظيم ۽ عالِيشان قَبرسِتان جوکيو قَبِيلي جي قَبرُن سان مَنسُوب ڪَيو وَڃي ٿو پَر ھِتي بَلوچ قَبِيلي جُون قَبرُون بِہ مِليوُن آھِن. ھِن قَبرسِتان ۾ مُرِيد بِن حاجِي جوکيو قَبِيلي جي سَردار جِي قَبر مِلي آھي، جَنھِن کي صاحبِ چَؤڪُنڊِي چَيو وَڃي ٿو. جوکيو قَبِيلي ۾ سَردارِي نِظامُ مُغل بادِشاه شاھَجَھان جي دؤر کان رائِج ھو. ٺَٽي جي مَشھُور مَڪِلي قَبرسِتان جَي باري ۾ تَہ ماڻُھو خاطِرخُواه ڄاڻَ رَکن ٿا پَر چَؤڪُنڊِي قَبرسِتان جَي باري ۾ گَھٽِ مَعلُوماتِ رَکن ٿا.}چَؤڪُنڊِي قَبرسِتان ۾ 15ھِين کان 18ھِين صَديءَ جُون قَبرُون موجُود آھِن. حَوالو ڪِتابَ تارِيخَ جا اَڏيِندَڙ مان وَرتل{ ھِنن قَبرُن کي ڏِسَندي ئِي اِنسان اَچرَجُ ۾ اَچيو وَڃي ٿو ۽ عَقُل دَنگ رَھجِيو وَڃي، ھِنَن قَبرُن جِي ويڪَر اَڍائِي کان ٽَي فوٽَ، ڊِگھائِي چارِ کان پَنجَ فوٽَ ۽ اُونچائِي چارِ کان تيرَنھن فوٽَن تائِين آھي ۽ ھِنَن قَبرُن جَي تَعمِير لاءِ جُنگشاھِيءَ جي جَبلن مان ذَردُ نِما پَٿَر آندا وَيا تَہ جِيئَن سَنگِ مَر مَر جِيان ھِنَن پَٿِرن تي اِضافِي رَنگ ۽ روغَن ڪَرڻ کان بَچِي سَگھجي.

مُحتَرم دوسِتو چَؤڪنُڊِي قَبرسِتان جي قَبرُن ۾ جيڪو پَٿَر اِستعمال ٿِيلُ آھي نِھايَت قابِلِ دِيد آھي، اُن دؤر ۾ جَڏھِن جَدِيد آلات ۽ جَدِيد ٽيڪنالوجِي، مَشِينَري جو ڪِٿي بِہ ڪو نِشان نَہ ٿو مِلي اُن دؤر جَي اِنسانَن ۾ ھَٿَ جي ھُنَر جا شاھِڪار ۽ لازَوال فَن ڏِسي اَڄُ جو اِنسان سوچَڻ تي مَجبوُر آھي.

پَنھِنجي پَڙھندَڙ دوسِتَن کي اِھيو بِہ ٻُڌائيِندو ھَلان تَہ اُن قَبرسِتان جي ڀَرسان ھِڪ سِنڌِي آبادِيءَ شاه لَطيف ٽاؤن ۾ مان تَقريِبن اَڍائِي سالَ رَھيو آھِيان ۽ اُن قَبرسِتان جي وِچان مُنھِنجو روزانو پِيادو پَنڌِ گُذر ٿِيندو رَھيو آھي. ھِيءَ 1994-95 جِي ڳالِھ آھي جَڏھن مان قَبرسِتان جي ڀَرسان ھِڪ ٽيڪسِٽائِيل مِلز ۾ نوڪِري ڪَندو ھُيس، اُن ٽيڪسِٽائيِل مِلز ۽ مُنھِنجي رِھائِش جي وِچ وارِي وَسيعُ ايراضِي ۾ فَھليَل ھِيءُ قَبرسِتان ھِڪ ڊِگھي خاموشِي ۽ وَقت جي تيزُ وَھڪِرن ۾ لُڙِھي وَيل پَنھِنجي عَظِيم ۽ عالِيشان ماضِي جي ڪَڏھِن بِہ نَہ مِٽَندَڙ اُنھَن نِشانَن کي سانڍَي بيِٺَل نَظر اَچي ٿو. قَبرُن جَي مِنارَن تي لَڳل اُنھَن پَٿرَن جِي ڊيِزائِن، ڪَٽائِي، مَنَ کي موھي وِجَھندَڙ نَقش ۽ بَناوَٽ کي ڏسِي حَواس خَطا ٿِيو پَون ٿا! اَڄُ جي جَدِيد دؤر جِتي اِنسانَ ۽ ٽيڪنالوجِي بي پَناھ تَرقِي ڪَئي آھي پَر مان چيلينج ۽ فَخَر سان اِھا دعویٰ ڪَيان ٿو تَہ اَڄوڪي دؤرَ ۾ تَوھان دُنيا جَھان جا ڪارِيگَر، ھُنرمَند ۽ اِنجِينيئَر ڪَٺي ڪَيو پَر قَبرُن تي لَڳل سَوين ھَزارين پَٿَرن سان مُشابِھتَ رَکندَڙ صِرفُ ھِڪڙو پَٿَرُ ڊِيزائِن ڪِري ڏيکارِيو !!مَرحُوم وَزيِر اعلیٰ سِنڌُ جَناب مُحترَم عَبدُالله شاه صاحبَ جَي دؤرِ حَڪُومتَ ۾ آرِڪيالاجِي کاتي ھِڪ زَبردَست ڪوشِش ڪَئي ھُئي تَہ جيڪي قَبرُون زَبوُن حالِي جو شِڪار آھِن اُنھَن قَبرُن کي ٻِيھَر ساڳِئي ڊِيزائِن ۾ تيار ڪَري ھِن شانِدار ماضِيءَ کي مَحفُوظ ڪَري سَگھجي پَر اَفسوس جو اُھا ساڳِئي ڊيِزائِن ۽ نَقش نَہ بيِھاري سَگھڻ ڪَري اُھو ڪَم اُتي ئِي ڇَڏيو وَيو. تَوھان دوستَن مان جيڪي ھِيءُ قَبرسِتان ڏِسي آيا آھِن تَہ اُنھَن کي يادِ ھوُندو تَہ قَبرسِتان جَي داخِلي دَروازي ڀَرسان اِھو پَٿَرُ ھِينئَر بِہ موجوُد آھِي جَنھِن کي اَڄُ جا ڪارِيگَر ۽ ھُنرمَند اَڌ ۾ ڇَڏي ھَليا وَيا. وَرِي ٻِيھَر ڪا ڪوشِش ڪَرڻ بَجاءِ ويتَر اِن قَبرسِتان کي عامَ ماڻُھن، عِلائِقي جي مَواليُن ۽ شَھر جي رُولو ڪُتَن جي پَناھ گاھُ بَڻجَڻ لاءِ ڇَڏيو وَيو. پوءِ ڏِسَندي ئِي ڏِسَندي قَبرسِتان جِي زَمين سوڙھِي ٿِيندي وَيئي ! قَبضا مافِيا قَبرسِتان جِي ايراضيءَ کي آسان حَدفُ سَمجِھي اُتي گَھر ۽ ٽَرڪُن جا وَڏا وَڏا وَرڪشاپَ تَعمِير ڪَرائي اُن سَمورِي آبادِيءَ جَي سيوِريج جَي گَندي پاڻِيءَ جو نَڪاسُ قَبرسِتان طَرف ڪَيو وَيو. سِنڌُ جِي اِھڙِي شاھُوڪار تَھذِيبَ سان ساڙُ رَکندَڙ لِسانِي سوچَ جَي پُوڄارِيُن آجُوجَ ماجُوجَ جِيان ڪَراچيءَ تي اِھڙو تَہ ڪَڙو چاڙِھي ڇَڏيو جو ھَر اَڇي ڪاري جا مالِڪَ بَڻِجي واسِينگَ وانگُر ڦَڻِ ڪَڍِي ڦُوڪُون ھَڻَڻ لَڳا، اُن وَقت سِنڌُ تي سِرَ گھورَ گھورَ ڪَري ڇَڏڻ لاءِ ٿِيلَ آتا، مَرسُون مَرسُون سِنڌُ نَہ ڊيسُون چَوڻ وارا مَھان اَسانجا موڀِي پُٽَ جِن کي اِسيمبِلي اَندر دورَن پَوڻ سان گَڏُ ڏَندَڻ بِہ پَئِجيو وِيندا ھُئا، اَڄُ اُھي موڀِي پُٽَ ڪِٿي آھِن ؟ قَبرُن جِي نَئين سِر تَعمِير تَہ پَري جِي ڳالھِ !! قَبرسِتان مان ٽرالِرَن، ھيوِي مَشِينَن ۽ ٽَرڪُ مالِڪَن جا ڪَيل ناجائِز قَبضا ئِي خَتم ڪَرائي قَبرسِتان ۾ صَفائِي سُٿرائِي ۽ اُن جِي اَصَل بِيھَڪ ئِي بَرقَرار رَکرائِڻ ۾ پَنھِنجو ڪِردار اَدا ڪَن. َڀنڀور جيڪو سَسُئِي جِي اَمانتَ ۽ لَطيفَ سائِين جَي ڪَلام جو جيِئَرو جاڳَندو ماڳُ آھي ھِينئَر اُھو مِٽِيءَ جو ڍيرُ بَڻيو پَيو آھي!

ڪوٽُ ڏِجِي پَنھِنجي بَربادِي ۽ ويرانِيءَ جا واڪَا ڪَري رَھيو آھي، موھَن جو دَڙو پَنھِنجُون مَجبوُريوُن ۽ لاچارِيوُن ڏِسي ٻِيھَر مَرڻ ڪَنڌِي تي پُھتَل آھي. اَمرڪوٽُ، رَنِي ڪوٽُ سَڀ رُلندي ۽ ڀَٽِڪَندي ڏِسون پَيا. اسان تَہ اِھيو بِہ ڏِسوُن پَيا تَہ ھائُوسَن مَٿان ھائوُسَ، بَنگِلا، مَحَلَ ۽ ڪُبا تَہ راتِ وِچَ ۾ جُڙِي راسِ ٿِيو وَڃَن ٿا، پَر سِنڌُ پَرڳِڻي ۽ سِنڌُو ماٿِري جي عَظِيم ۽ شاھوُڪار تَھذِيبَ جِي ڪِيئَن تَزليِل ڪَري بُکِيا اُڊيڙِيا وَڃَن ٿا. خير! اَسان موٽِي ھَلؤن ٿا اُن عَظِيم دؤرَ ڏانھُن!! دوسِتو ھِڪ ٻِئي اَھم ڳالھِ ھِي بِہ آھي تَہ ھِن قَبرسِتان ۾ مَردَن ۽ عورتُن جوُن ڌارَ ڌارَ قَبروُن ٺاھيُون وَيوُن آھِن اِنھَن قَبرُن جِي بيھَڪ ۽ بَناوَٽ مان اِھيو صافُ ظاھِر ٿِئي ٿو تَہ ھِي مَردن جوُن قَبروُن آھِن ۽ ھِي عورِتُن جوُن قَبروُن آھِن. مَردَن جِي قَبرن تي گھوڙي سُوارِي، سوُرَمن ۽ ھَٿِيارَن جَي نَقش نِگارِيءَ مان پَروُڙ پَوي ٿِي تَہ ھِيءَ قَبر ڪَنھِن عَظيِم رُتِبي واري مَرد جِي قَبر آھي، وَري عورِتُن جِي قَبرن تي زيوِرَن جِھڙوڪ ھارَ، پازيبِ ۽ ڪَنَن جي جھُمڪِين وارَن نَقش کي ڏِسي سَمجِھي سَگھجي ٿو تَہ ھِي عورِتُن جوُن قَبروُن آھِن. سِنڌُ جي ثَقافَتِي رِلي جي نَقشَن واريُون قَبروُن پِڻ مِليوُن آھِن. اَڄُ اَسان اِن پَٿَر جيڪو ڪُجھ سال پِھريان نَقش نِگارِي نَہ ڪَرڻ سَبب اَڌ ۾ ڇَڏيو وَيو جِي ڀيٽَ اُنھَن قَبرُن تي لَڳل پَٿَرن سان ڪَنداسِين تَہ اَسان کي زَمِين آسمان جو فَرقُ مَحسُوس ٿِيندو ۽ ثابِت ٿِي پَوندو تَہ اَڄوڪي اِنسانَ کان اُن دؤر جو اِنسانُ وَڏو ڏاھو ۽ ھوشِيار ھو. اَڄوڪي دورَ جي آرٽِيفِشل ۽ نَقلِي سَماج کان ھُو وَڌيِڪ شاھُوڪار ۽ مُنفَرد سَماج جوڙَڻ جا ڄاڻُو ۽ پُختا اِنسانَ ٿا ڏِسجَن. پَنھنِجَن اِرادَن ۾ اَرڏا ۽ اَٽَل ٿا ڏِسجَن، جنَگ جا ميدانَ ھُجَن يا مُقابِلن جا ميڙَ لَڳندا ھُجَن پَر ھِي ھَر جاءِ تي سُرخِرو ۽ سَچا ٿا ڏِسجَن، ڀَلِي اَنگريز، تُرخانَ ۽ عَربَ حَملي آورَ ٿيا ھُجَن پَر سِنڌُ اَمڙ اُنھَن غاصِبَن اَڳيان سُورِھيه بادِشاه جِھڙا سوُرما، دَرياخانَ جھِڙا دُولھَ، ھوشُو جِھڙا ھِمتَ ڀَريا پَنھِنجا ڪُونڌَر ۽ ڪُڏِي ڪَنڌُ ڪَپائِڻ وارا ارڏا پُٽَ پَئي پِيشُ ڪَيا آھِن. تَحرِير: غُلام مُصطَفیٰ مَڱريو

خارجي لنڪس

سنواريو
  1. Centre, UNESCO World Heritage. "Chaukhandi Tombs, Karachi - UNESCO World Heritage Centre". whc.unesco.org. حاصل ڪيل 2017-01-15.