چوڍيا (شھدادڪوٽ)
ديھ چوڍيا (انگريزي: Deh Chodhia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جمالي ۾ واقع آهي.
چوڍيا (شھدادڪوٽ) ديھ چوڍيا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Chodhia | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°59′29″N 67°55′53″E / 27.99139°N 67.93139°Eمڪانيت: 27°59′29″N 67°55′53″E / 27.99139°N 67.93139°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,498 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1882ع جي نقشي مطابق ھن ۾ ديھ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ديھ عيدن جروار واري دنگ لڳ صرف ھڪ ڳوٺ شاھنواز چوڍيو واقع ھيو. ان کان پوء ھن ديھ م نوان ڳوٺ پڻ قائم ٿيا جن م ڳوٺ غلام حيدر جروار ۽ ڳوٺ سھراب بروھي شامل آهن. ڳوٺ شاھنواز چوڍيو تان ھن ديھ تي چوڍيا نالو پيل آهي.
جاگرافي سنواريو
ھن ٽڪنڊي ديھ جي اتر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو جي ديھ ملڪ چوڪي ۽ ديھ موچڪي، اوڀر ۾ ديھ عيدن جروار ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڀٽا واقع آهن. ھن ديھ جي سموري زمين زرعي آھي ۽ مڪمل سروي ٿيل آهي. ديھ جي وچ مان اتر کان ڏکڻ پاسي نورپور ڊسٽري گذري ٿي. ھڪ ٻي شاخ حيدر مائنر پڻ ھن ديھ مان گذري ٿي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺ شاھنواز چوڍيو جي ڪل آبادي 1498 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 252 ھيو[1].