ڀٽا (شھدادڪوٽ)
ديھ ڀٽا(انگريزي: Deh Bhutta) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جمالي م واقع آهي. ھن ديھ ۾ ڀٽن جو ڳوٺ محمد خان ڀٽو واقع ھجڻ ڪري ڀٽا نالو پيو.
ڀٽا (شھدادڪوٽ) ديھ ڀٽا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bhutta | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°57′40″N 67°51′23″E / 27.96111°N 67.85639°Eمڪانيت: 27°57′40″N 67°51′23″E / 27.96111°N 67.85639°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,250 |
تاريخ سنواريو
1935ع واری بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري نقشي جي مطابق ھن ديھ ۾ ٻہ ڳوٺ واقع ھئا جن مان ھڪ ڳوٺ محمد ڀٽو آھي جيڪو ديھ جي اوڀرندي پاسي نورپور ڊسٽري لڳ واقع ھيو ۽ ٻيو ڳوٺ اولھندي پاسي ڪمال کوکر جي نالي سان واقع ھيو جيڪي اڃان تائين قائم آھن. بعد م قائم ٿيندڙ ڳوٺن ۾ ڳوٺ محمد خان ڀٽو، ڳوٺ اعتبار بروھي ۽ ڳوٺ باوان خان بروھي شامل آهن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چوڍيا، اولھ ۾ قبي سعيد خان تعلقي جي ديھ جمالي، اوڀر ۾ ديھ ميڻا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ شاھو جمالي واقع آهن. ان جي ڏکڻ واري حد سان لڳولڳ عيدن واھ وھي ٿو.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,250 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 400 ھيو[1].