چانگ ھينگ: Zhang Heng:ھڪ اچار زھينگ ھينگ بہ استعمال ۾ آھي جيڪو چيني اچار ناھي.

چانگ ھينگ

چانگ ھينگ جي تصوير واري ٽپال جي ٽڪلي جيڪا چيني حڪومت 1955 ۾ جاري ڪئي
پيدائش AD 78
نان يانگ ، ھينان، چين
وفات AD 139 (aged 60–61)
لوئيانگ, چين
شھرت جو ڪارڻ سيسمو ميٽر ھائڊرالڪ پاور , پاء (pi),ڪائنات جو ماڊل, سج گرھڻ and سج گرھڻ جو نظريو

چانگ ھينگ 78 عيسويءَ ۾ ھينان صوبي جي نان ينگ شھر ۾ پيدا ٿيو ان وقت چين تي ھان خاندان جي حڪمراني ھئي.سترھن سالن جي عمر ۾ اديب بڻجڻ لاءِ پنھنجو شھر ڇڏي لوئيانگ اچي تعليم حاصل ڪئي پر اتي جي مختلف علمن جو ماهر ٿي ويو جن ۾ فلڪيات، رياضي، انجنيئرنگ وغيره. ھي ھڪ شاعر, سائنسدان ۽ موجد بڻجي ويو. ھن کي معمولي سرڪاري نوڪري ملي پر ھن جي مشھور ٿيڻ سان 115 عيسويءَ ۾ چين جي شھنشاھ آن تي ھو کيس طلب ڪري درٻار ۾ چيف فلڪياتدان (astronomer) مقرر ڪيو. جتي بعد ۾ شھنشاھ جي درٻار جو امير پڻ بڻيو.ھن پاڻي تي ھلڻ وارو ڪائناتي گولو (armillary) ٺاھيو جيڪو اسماني جسمن جو ھڪ نمونو ھو.

Su Song جو اصل نقشو جنھن ۾ پاڻي تي ھلندڙ ڪائناتي گولو ھلندي ڏيکاريل آھي.چانگ ھينگ جو بہ ان طريقي سان ٺھيل ھو

ھن دنيا جو سڀ کان پھريون زلزلي کي ماپيندڙ اوزار (seismometer) ٺاھيو[1].

چانگ ھينگ جي ٺاھيل زلزلي ماپڻ واري ميٽر جو نقل

ان ايجاد تي 138 تائين ھن جو مذاق اڏايو ويو پر ان سال جڏھن 400 ڪلوميٽر پري ايندڙ زلزلي کي رڪارڊ ڪرڻ سان سڀ چپ ٿي ويا.ھن ھڪ اوڊوميٽر بہ ايجاد ڪيو جيڪو جانورن جي مدد سان ھلندڙ گاڏين جي پنڌ کي ماپيندڙ ھيو.

Odometer cart from a stone rubbing of an Eastern Han Dynasty tomb, c. 125

ھن ھڪ غير مقناطيسي قطب نما پڻ ايجاد ڪيو جنھن جي سئي ڏکڻ طرف رھندي ھئي.ھي چيني ٻوليءَ جو ھڪ وڏو شاعر پڻ ھيو. 120 عيسويءَ ۾ ھن ڪائنات جي روحاني زبان جي نالي سان ھڪ ڪتابچو مرتب ڪيو جنھن ۾ ھن لکيو تہ آسمان ڪڪڙ جي انڊي وانگر آهي جنھن ۾ زمين انڊي جي زردي مثل آهي جيڪا مرڪز ۾ اڪيلي آھي. آسمان وڏو ۽ زمين ننڍي آھي.ھن 2500 چمڪندڙ تارن ۽ 124 تارن جي جھرمٽن جي ھڪ فھرست مرتب ڪئي ان کان علاوه ھن لکيو تہ 11520 ننڍا تارا پن آھن. ھن جو خيال ھو تہ سج باھ وانگر ۽ چنڊ پاڻي وانگر آھن. باھ روشني ڪڍندي آهي ۽ پاڻي ۾ وري ان جو عڪس ٺھندو آھي اھڙي طرح چنڊ جي چمڪ سج جي تيز روشني جي ڪري آھي . ھن جو خيال ھو تہ چند جي اونداهي سج جي روشني جي رڪاوٽ ڪري ھوندي آھي. چنڊ جو جيترو رخ سج طرف ھوندو آھي اوترو اھو روشن ھوندو آھي ۽ جيڪو حصو سج کان پري آهي اوترو اونداهو هوندو آهي. ھن چنڊ گرهڻ لاءِ ٻڌايو ته سج جي روشني زمين جي وچ ۾ اچڻ جي ڪري چنڊ تي نہ ٿي پھچي تنھن ڪري چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي. ھن مطابق سيارا بہ پاڻي وانگر آھن جيڪي روشني کي موڙيندا آھن ان ڪري گرھڻ ۾ ايندا آهن ۽ جڏھن چنڊ سج جي رستي ۾ ايندو آهي تہ سج گرھڻ ٿيندو آهي. ھن رياضي ۾ پاء pi جي مروج چيني ملھ ۾ غلطي کي دور ڪري درست ڪيو ھي 139 عيسويءَ ۾ وفات ڪري ويو.[2]

حوالا سنواريو

  1. Needham (1986), Volume 4, 30.
  2. ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور پيج 30