ٿاڌل سنڌ جو هڪ ديسي شربت آهي[1]، جيڪو گرميءَ جي مُند ۾ ٺاهي پيتو ويندو آهي[1][2].

ٿاڌل ٺاهڻ لاءِ ڌاڻا، وڏف، خسخاس، ڪارا مرچ، جيرو، سونف، بادام، چار مغز ۽ جڙي ٻوٽيون ڪم اينديون آهن[1][3][2][4]، انهن سڀني شين کي ٺڪر جي ٿانون ۾ وجهي مصريءَ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي کير جي رنگ جهڙي پيسٽ تيار ڪئي ويندي آهي[1]، جنهن ۾ پاڻي، مٺاڻ ۽ برف وجهي گراهڪ کي وڪرو ڪيو ويندو آهي[3]. سنڌ ۾ ٺٽي جي ’درس‘ دواخاني جي ٿاڌل ۽ نوابشاهه جي ”معاذ“ ٿاڌل مشهور آهي[1][5]. جڏهن ته هاڻي ڪي ٻيون ڪمپنيون به ٿاڌل ٺاهڻ جي ڌنڌي ۾ لڳل آهن[1].

ڀانڃ سنواريو

ٿاڌل سنڌي لفظ ٿڌ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڌٿاڻ[3].

پڻ ڏسو سنواريو

روايتي سنڌي مشروبات[6]

  • ٿانڌائي (ٿاڌل)
  • ٿڌائي (مشهور سنڌي مشروب جيڪو بادام ۽ پوست جي داڻي مان ٺهيل آهي - خاشخاش).
  • کيرڻي (کير سان ٺهيل گرم مشروب، الائچي ۽ زعفران جو ذائقو).
  • شربت (گلاب جي پنن يا چندن جي ڪاٺ مان ٺهيل مشروب).
  • فلودا (آئس ڪريم جي مٿان سيون ۽ برف)
  • لسي (ڏهي (دهي) تي ٻڌل روايتي مشروب)
  • ڀنگ


حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "ٿاڌل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  2. 2.0 2.1 "ٿاڌل | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "سنڌ جو گرمي ٽوڙ شربت، ٿاڌل - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  4. Keswani, Alka. "Thadhal|Thandai|Mahashivratri Special". Sindhi Rasoi |Sindhi Recipes. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  5. "معاذ ٿاڌل جو بانيڪار علامه مولانا حڪيم محمد معاذ نوابشاهي پيرزادو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  6. "Sindh Tourism Development Corporation - Sindhi Cuisine". stdc.gos.pk. حاصل ڪيل 2023-05-15.