ڄام فتح خان(انگريزي: Jam Fateh) جملي مؤرخن ڄام فتح خان جي دور حڪومت جي ساراه ڪئي آهي.

ڄام فتح خان
سنڌ جو سلطان
سن 1398 کان 1414 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)
سن 1413 کان1428 تائين(ٻيو اندازو)
پيشرو ڄام سڪندر اول
جنت السنڌ مطابق:[2]ڄام ڪرن
جانشين ڄام جوڻو ٻيون
جنت السنڌ مطابق:[2]ڄام تغلق
پورو نالو
ڄام فتح خان سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
پيءُ صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام جوڻو پھريون
جنت السنڌ مطابق:[2] سڪندر سمو
لاڏاڻو سن 1428
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

تفصيلي تعارف سنواريو

سندس حڪومت پندرهن سالن تي پکڙيل ڏسجي ٿي. ڄام فتح خان تخت سنڀالڻ شرط حڪومت جي قاعدن ۽ سلطنت جي ضابطن کي مضبوط ڪري، سرڪاري معاملن ۾ ڏاڍي سجاڳي ۽ هوشياري ڏيکاري. سندس سخاوت، بهادري ۽ مروت مشهور هئي. ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻه واقعا ٿي گذريا. منگولن سنڌو درياه ٽپي دهلي ۽ ديبال پور تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾ دهلي سلطنت تي ”سيد“ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن ۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات سان سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات به قائم ڪيا. هن پنهنجي نياڻي ”ڄام زادي“ گجرات ۾ مخدوم جهانيه جي پوٽي قطب عالم (1388-1454ع) سان پرڻائي ڏني.قطب عالم پنهنجي نڳي ڏاڏي راڄو جي قتال جي حڪم تي گجرات ويو، جتي سلطان مظفر شاه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. هن شاديءَ مان قطب عالم کي ٻه نياڻيون بيبي فردوس ۽ بيبي مريم پيدا ٿيون.[3] سنڌين ۽ گجراتين ۾ مٽي مائٽيءَ جو هي سلسلو پوءِ گهڻو عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان سن 1428ع ۾ وفات ڪئي.[4]جنت السنڌ مطابق:ڄام ڪرن کانپوءِ، سندس سؤٽ ڄام فتح خان بن سڪندر گاديءَ تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ سنه 800ھ (1398ع) ۾ امير تيمور گورگاني هندستان تي ڪاهي مٿرا ۽ بنديل کنڊ تائين ملڪ کي ڦريو. سندس پوٽي مرزا پير محمد اچ ۽ ملتان جا قلعا فتح ڪيا. بکر جي هڪڙي بزرگ ابوالغيث جي سفارش سان سنڌ مغلن جي چنبي کان بچي ويئي. سنه 1399ع ۾ امير تيمور سمرقند ڏانهن موٽي ويو. امير تيمور دهليءَ جي حڪومت محمود شاهه تغلق کان کسي پنجاب جي حاڪم سيد خضر خان جي حوالي ڪري ويو. سادات خاندان سنه 817ھ (1414ع) کان سنه 847ھ (1443ع) تائين حڪومت ڪئي. سيد علاءُ الدين عالم شاه پويون سيد حاڪم هو، جيڪو سنه 1450ع ۾ پنجاب جي صوبيدار بهلول خان لوڌيءَ کي دهليءَ جي حڪومت حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو. ڄام فتح خان 15 ورهيه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪري وفات ڪئي. وفات کان 3 ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ تغلق کي جانشين ڪري ويو.[2]

حوالا سنواريو

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. {ڪتاب:مڪلي نامہ از:پير حسام الدين راشدي ص127-128}
  4. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }