ڄام بابينو صدرالدين
صدر الدين ڄام بابينو ڄام فيروز الدين انڙ جي وفات بعد سندس پٽ صدر الدين ڄام بابينو سنڌ جو بادشاه بنيو. سندس چاچو ڄام جوڻو پڻ ساڻس اقتدار اعلى ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنيو. سندس زماني ۾ ننگر ٺٽو وري تختگاهه مقرر ٿيو.جنت السنڌ مطابق:ڄام تماچيءَ کان پوءِ سمن ڄام بابينه ابن اُنڙ، ڄام تماچي جي ڀاءُ کي گاديءَ تي ويهاريو، جنهن 15 ورهيه حڪومت ڪئي.[2] تحفته الڪرام مطابق سما قوم ٿرڙيءَ ۾ گذارڻ لڳي ۽ ڄام ٻانڀڻي (اول) بن ڄام انڙ پندرنهن سال مٿن سرداري ڪئي[3].
ڄام بابينو | |||||
---|---|---|---|---|---|
صدرالدين | |||||
سنڌ جو سلطان پنھنجي چاچي ڄام جوڻو سان شراڪت ۾ | |||||
1352 کان 1367 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ) سال 1353 کان 1368تائين | |||||
پيشرو | ڄام جوڻو پھريون | ||||
جانشين | ڄام تماچي جنت السنڌ مطابق:ڄام خيرالدين | ||||
| |||||
گهراڻو | سمو | ||||
شاھي گھراڻو | سمن جي بادشاھي | ||||
پيءُ | ڄام انڙ فيروزالدين | ||||
لاڏاڻو | 1388 | ||||
مذھب | اسلام |
سنڌ جا ڄام سما راڄ "سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد |
|
تفصيلي تعارف
سنواريوڄام بابينو جڏهن سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا. سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.[4] ڄام صدر الدين دلير، سورهيه ۽ وطن دوست انسان هو. سنڌ جي خودمختياري ۽ عزت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ڏسجي ٿي. هو پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ ڌارين جي مداخلت جو سخت مخالف هو. سندس ڀيٽ ۾ ڄام جوڻو ڪمزور ۽ اعتدال پسند هو. ڄام بابينو حالات جو اڀياس ڪندو رهيو ۽ دهلي سلطنت جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي ۽ مهل جي تلاش ۾ رهيو. هن سڀ کان اول پاڻ کان ڪيئي ڀيرا زياده طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۽ قنڌار جي منگولن کان فوجي مدد وٺڻ خاطر هڪ معاهدو ڪيو. سال 1359ع ۾ فيروز تغلق بنگال جي ٻين مهم تان ناڪام ٿي موٽيو، تڏهن پاڻ ۽ سندس لشڪر ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ ڀٽڪندو رهيو.[5] هن خبر جي پکڙجڻ شرط سلطنت دهليءَ جي مخالفن جا حوصلا بلند ٿيا. ان ريت ڄام بابيني کي پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ان متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:”سلطان فيروز جي وفات جو افواه مشهور ٿيو ۽ ڄامن وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سر نو زور وٺرائيندي، پنهنجيون فوجون ملتان جي حد اندر پهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون."[6] هي پهريون موقعو هو جو سمن ڄامن همٿ ڪري سنڌ مان دهلي سلطنت جا آثار ۽ اهڃاڻ ختم ڪرڻ طرف هڪ وِک وڌائي. هن سال (1359ع) تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور تي تغلقن جا عملدار موجود هئا. ان جو ثبوت سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاه تي لڳل هڪ فارسي ڪتبي مان ملي ٿو. هي مقبرو سن 1358ع ۾ تغلق گورنر ملڪ اختيار الدين جي نظرداريءَ ۾ ٺهي راس ٿيو.[4] سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽ ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾ آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتي ۽ غور سان ڏسي رهيو هو. ان پس منظر ۾ هن تيزيءَ سان صورتحال کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي ڄامن ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف همير سومري کي وري سنڌ جو حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ تيز ڪري ڇڏيائين. آخرڪار همير سومري ٺٽي تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ، گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر جي مدد سان لاڙ ۽ ٿر کان حملا شروع ڪري ڏنا. هنن حملن جو انجام ڏسڻ کان اڳ ئي عين الملڪ ماهرو سن 1368ع ۾ مري ويو.[7] ٻي صورت ۾ پڪ سان ان متعلق پنهنجي خطن ۾ مواد ڇڏي ها. روايتن موجب جڏهن همير سومري سنڌ (سمن) تي حملو ڪيو، تڏهن مختلف قبيلن ڄام هالي جي قيادت ۾ دشمن خلاف مورچي بندي ڪئي.
روايتن موجب سمن ۽ سومرن جو هڪ خونريز معرڪو، موجوده شهر عمرڪوٽ جي آس پاس ٿي گذريو. هن جنگ ۾ همير قتل ٿي ويو. ان بعد سمن پنهنجي اختيار ۽ اقتدار کي توسيع ڏني. همير جو اولاد ۽ سندس ڀائر گجرات طرف نڪري ويا، جتي کين جاگيرون ڏنيون ويون.سمن جي خودمختياري، سرڪشي، ارڏائي ۽ همير جي قتل کان پوءِ فيروز تغلق سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. فيروز آڪٽوبر 1365ع ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هندي سلطنت هن حملي ۾ سنڌ خلاف اسي هزار سپاه ڪتب آندو، جنهن ۾ پنج سؤ بحري ٻيڙا به شامل هئا. سنڌين ۽ تغلقن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن جو پورو بحري اٽالو تباه ڪيو ويو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ملي. آخرڪار فيروز ناڪام ٿي ڪڇ جي رستي کان گجرات طرف روانو ٿيو. محمد تغلق سنڌ تي حملي وقت فوت ٿيو ۽ فيروز تغلق ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ هڪ ڪهاوت مشهور ٿي:
بابرڪت، پير پٺو!
فيروز تغلق کي گجرات ويندي ڪڇي ماڻهن به زبردست پريشان ڪيو. منزل تائين پهچندي پهچندي بادشاه جو بي انداز لشڪر مارجي ويو يا وري رستي نه لهڻ سبب رلي ويو. سن 1368ع ۾ جڳ جهان جو لشڪر گڏ ڪري، فيروز تغلق وري سنڌ تي حملو ڪيو. هن ڀيري ڄامن جو گهڻو نقصان ٿيو، ليڪن پوءِ به تغلقن کي ناڪامي ڏسڻي پئي. آخرڪار سلطنت دهلي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شيخ الاسلام سلطنت دهلي ۽ اچ جي مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحب مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحبن معرفت ڄامن ۽ فيروز وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. جيئن ته سنڌ جا حاڪم اچ جي مخدومين جا مريد هئا، ان ڪري هو کين ٽاري نه سگهيا. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ معاهدو ڪيو:
”سنڌي دهليءَ کي ساليانو خراج ڏيندا. بابينو ۽ جوڻو دهلي هلي رهندا ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري رهندي.“[8] جڏهن جنگ جدل ختم ٿيو ۽ صلح ٿي ويو، تڏهن ڄامن هڪ شڪارگاه ۾ پهچي فيروز سان ملاقات ڪئي. ڄام جوڻو ۽ ڄام بابينو، شاهي لشڪر سان گڏ دهلي روانا ٿيا، جتي انهن لاءِ ساليانو ٻه لک ٽنڪا وظيفو مقرر ٿيو. سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي گڏجي حڪم هلائڻ لڳا. ان ريت سمن جي سرداري، سلطنت هند جي طفيلي رياست بنجي وئي.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تحفة الڪرام :مصنف؛ مير علي شير قانع ٺٽوي : مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مترجم؛ مخدوم امير احمد: ايڊيشن؛ پهريون 1975، ٻيو 1978ع، ٽيون 1989ع، چوٿون 1994ع، پنجون 2004ع: ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ 4.0 4.1 4.2 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
- ↑ { ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا.“ جلد ٽيون ص187 سال 1958ع}
- ↑ { ”مڪلي نامه“ ؛از:پير حسام الدين راشدي ؛ص106}
- ↑ { ايم . ايڇ . پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص319 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 1983ع}
- ↑ { ”مڪلي نامہ“ از: پير حسام الدين راشدي؛ ص104-105}