ڄام علي شير
ڄام علي شير انگريزي (Jam Ali Sher) سنڌ جي سمن جو راڄ جي دور ۾ تخت سنڀاليندي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل ابتري کي ختم ڪيو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو.[2]
ڄام علي شير | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو سلطان | |||||
1391 کان 1398 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ) | |||||
پيشرو | ڄام نظام الدين پھريون | ||||
جانشين | ڄام ڪرن | ||||
| |||||
گهراڻو | سمو | ||||
شاھي گھراڻو | سمن جي بادشاھي | ||||
پيءُ | تماچي سمو | ||||
مذھب | اسلام |
سنڌ جا ڄام سما راڄ "سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد |
|
تفصيلي تعارف
سنواريوهي نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن سنڌ ولايت جو جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي زماني ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ ماڻهو خوش گذارڻ لڳا. آخر ۾ ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار تي شوق رکيو. هڪ رات درياه جي سير تان گهر واپس اچي رهيو هو، تڏهن حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن جي هٿان قتل ٿي ويو.[2] جنت السنڌ مطابق:ڄام علي شير بن تماچي، جو گوشه نشين هو، تنهن کي اميرن تخت تي ويهاريو. هو بهادر سپاهي هو، حڪومت برجستائيءَ سان هلائڻ لڳو. سندس حڪومت اندر رعايا آسودگيءَ سان گذر ڪندي هئي. چانڊوڪيءَ رات ۾ سير ڪرڻ جو شوقين هو. سندس سڳا ڀائر، سڪندر ۽ ڪرن ۽ سندس ڀائٽيو فتح خان بن سڪندر، سندس خلاف منصوبا سٽيندا هئا. هڪڙيءَ رات دستور موجب رات جو جيئن ٻيڙيءَ جو سير ڪري موٽيو ٿي، تيئن رستي تي منصوبه بازن کيس وڪوڙي شهيد ڪري ڇڏيو. اميرن ٻي واهه نه ڏسي هڪڙي خونيءَ ڄام ڪرن کي گاديءَ تي ويهاريو.[3]