ڄام راءِ ڏنو/رائيڌن (انگريزي: Jam Raidhan)، ڄام سڪندر جي وفات تي سنڌ جو تيرهون ڄام مقرر ٿيو. چيو وڃي ٿو هن 1444ع کان 1453ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي.[1] تاريخدان راءِ ڏنو جي باري ۾ مختلف رايا رکن ٿا، هڪ موقف آهي ته ڄام سنجر ۽ راءِ ڏنو هڪ ئي ماڻهو جو نالو آهن.[2]

ڄام راءَ ڏنو
سنڌ جا ڄام
1444-1453
پيشرو ڄام سڪندر
جانشين ڄام سنجر
گهراڻو سمن جو راڄ
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام تغلق شاھ جوڻو جي حڪمراني ۾ هي ڪڇ ۾ رهندو هو، جڏهن هن تائين ڄام سڪندر جي وفات جي خبر پهتي ته ڪيترن ئي ساٿين سميت ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. ٺٽي تي پهچڻ بعد هن چيو ته هي حڪومت حاصل ڪرڻ نه پر مسلمانن جي ملڪيت کي بچائڻ لاءِ آيو آهي. هن چيو ته آئون پاڻ کي حڪمراني جي اهل نٿو سمجهان ۽ اوهان جنهن کي حڪمراني سونپيو سڀ کان اڳ آئون کيس قبول ڪندس. پر ٺٽي ۾ موجود ماڻهن جي گڏيل فيصلي کان پوءِ هن کي بادشاهه مقرر ڪيو ويو.[1]ڄام رائدان، جو ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ وڃي ڪڇ ۾ رهيو هو، جيئن ته ان وقت ٻيو ڪوبه تخت لاءِ دعويدار ڪونه هو، تنهن ڪري سڀني سمن هن کي يڪراءِ گاديءَ تي ويهاريو. هو سٺي سڀاءُ جو ماڻهو هو. سمنڊ کان وٺي اٻاوڙي جي ڪاجريلي ۽ ڪنڊيلي ڳوٺن تائين سنڌ تي سندس قبضو رهيو. هن نَوَ ورهيه حڪومت هلائي.[3]

ڄام سنجر ۽ راءِ ڏنو

سنواريو

مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ معصوم شاهه بکري واري جي مطابق ڄام راءِ ڏنو، ۽ ڄام سنجر ٻن الڳ ماڻهن جا نالا آهن، سندس خيال موجوب ڄام راءِ ڏنو سنجر کان اڳ سنڌ جو حاڪم هو، ڄام سنجر کي صدرالدين شاهه جو لقب پڻ ڏنو ويو. 20 صدي جي تاريخدان ايم ايڇ پنهور سمن جي حڪمراني تي لکندي چئي ٿو ته راءِ ڌن نالو اصل ۾ راءِ ڏنو آهي، جيڪو سنڌ ۾ عام استعمال ٿيندڙ نالو هو.[2]

ڄام راءِ ڏنو کي شراب ۾ ڄام سنجر زهر ملائي ڏنو، جنهن جي پيئڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس وفات ٿي.[1] کيس هڪڙي سمي سردار سنجر شراب ۾ زهر پياري ماري ڇڏيو.[3]

  1. 1.0 1.1 1.2 Muhammad, Maʻsūm; George, Grenville Malet; M Pir, Muhammad (1846). A history of Sind, from the commencement of the eighth to the end of the sixteenth century,. p. 65. http://www.worldcat.org/title/history-of-sind-from-the-commencement-of-the-eighth-to-the-end-of-the-sixteenth-century/oclc/33339483&referer=brief_results. Retrieved 9 February 2017. 
  2. 2.0 2.1 Lakho, compiled by Ghulam Muhammad (2006). The Samma Kingdom of Sindh: historical studies (First ed.). Jamshoro: Institute of Sindhology, University of Jamshoro. ISBN 9694050782. 
  3. 3.0 3.1 Published by:: Sindhica Academy, Karachi ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي