ڀڏا
ديھ ڀڏا(انگريزي: Deh Bhada) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قمبر تپي ۾ واقع آهي.
ڀڏا (قمبر) ديھ ڀڏا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bhada | |
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ ڀڏا ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°33′35″N 67°58′03″E / 27.55972°N 67.96750°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 289 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي 1882 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڀڏا، ڳوٺ اميد علي سوڍر، چڱڙي واري دنگ لڳ سيدن جي حويلي، ھڪ غيرمعروف سوڍرن جو ڳوٺ واقع ھيا. ان جي اترئين پاسي کان گل واھ ۽ فتح محمد واھ وھندڙ ھيا. ھاڻي آبادي اتان شھرن طرف منتقل ٿي چڪي آهي ۽ ڳوٺ ڦٽي ويا آهن رڳو ڳوٺ ڀڏا معروف آهي.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چنڱڙو، اوڀر ۾ ديھ قمبر، ڏکڻ ۾ ديھ ڏيرا ۽ ديھ گھٽھڙ ۽ اولھ ۾ ديھ ٻير واقع آهن. ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 289 ھئي جيڪا 58 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.