ڀنگ يا ڀانگ قنب هندي مادي ٻوٽي جي گُلن ۽ پَتن سان تيار ٿيندڙ ھڪ نشي واري ترڪيب آھي[1][2]. چَرس ۽ سلاجيت پڻ ساڳئيءَ ٻوٽي مان حاصل ٿيندي آھي. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ روايتي طور تي نشي جي لاءِ استعمال ٿيندي رھي آھي. اهو خيال پڻ عام آهي ته انهي ۾ نشي سان گڏوگڏ ڪجهه طبي فائدا پڻ آهن. پاڪستان ۽ پنجاب ۾ سردائي ۽ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ڀنگ لسي جي شڪل ۾ ان جو استعمال ڪرڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هندستان جي علائقي راجسٿان ۾ ڀنگ جي ھڪ دڪان

ڀنگ هڪ قسم جي ديسي مٺاڻ شربت آهي. اها عام طور تي تقريبن يا ڪجهه ميلن جي موقعي تي پيتي ويندي آهي. ان کي خاص پَتن سان ٺاهيو ويندو آهي.

سائنسي تحقیقن سان اھو ثابت ٿيو آھي تہ ڀنگ جو استعمال انعام حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ سان واڳيل آھي۔ انھيءَ تحقيق جي نتيجن منجھان اھا پَرُوڙَ پئي آھي تہ ڇوڪرن ۾ ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ انعام حاصل ڪرڻ جي حساسیت ۽ مزو محسوس ڪڻ جي جستجو وڌيڪ ھوندي آھي. [3]

حوالا سنواريو

  1. "ڀنگ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  2. "ڀنگ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  3. ۔ڀنگ جو استعمال ۽ حسِ مزو حاصل ڪرڻ جي ڳولھا آرڪائيو ڪيا ويا 2018-06-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.