چرس:

نالا: ع. روح البنج، ف. شبنم بنگ، هه. وغيره ___- چرس ۽ مغز بنج.

طب سنواريو

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دل ۽ دماغ کي، ميل: کير ڳائو، عيوض: ___، وزن: اڌ ماسي کان هڪ ماسي تائين. سڃاڻپ: هيءَ ڀنگ جي وڻ تي پيل ماڪ ۽ انهيءَ جي پنن جي رطوبت آهي، جو ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي. خاصيت: باطني ۽ ظاهري حواسن کي سست ڪري ٿو، عقل ۽ نظر کي وڃائي ٿو، رت کي ساڙي، گهاٽو ڪري ٿو، هن کي گيهه يا کير ۾ ڪاڙهي، ثعلب، دارچيني، جروار ۽ مصطگي ملائي حب جوڙبا ته اهي حب گهڻي ايندڙ پيشاب کي به روڪيندا ۽ امساڪ به پيدا ڪندا..[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو