ڀليڏنو ساٺيو
پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي
ڀليڏنو ساٺيو(انگريزي: Bhaledino Sathio) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 13 ڀليڏنو ساٺيو آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. اھو ھڪ ننڍڙو يو سي شھر آھي جيڪو ڪولاب ڍنڍ جي پاسي م واقع آهي جيڪا 3 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ اڌ ڪلوميٽر ويڪري آھي.
ڀليڏنو ساٺيو | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Bhaledino Sathio | |
جاگرافي بيهڪ: 24°59′34″N 68°28′01″E / 24.99278°N 68.46694°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |