ٿري لھجو

سنڌي ٻوليءَ جو لھجو

ٿري لھجو (Thari Dilect) ٿر، سنڌ جو ريگستاني علائقو آهي. ٿر جي لفظي معنيٰ آهي ”ريگستان“. سنڌ جو ٿر، هندستان جي ڪڇ ۽ راجستان سان ملي ٿو. ٿر ۾ ڏيپلو، عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو، ننگر پارڪر اهم علائقا آهن. ٿر جي مجموعي زبان کي ٿري سڏجي ٿو، جيڪا سنڌي زبان جو هڪ لھجو آهي. ڍاٽڪي، پارڪري ۽ سوڍڪي ٿري لھجي جا اپ لھجا يعني ننڍا لھجا يا محاورا آهن.[1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.