پارڪري __(Parkari)

سنڌ جي ٿر واري علائقي جي پارڪر واري ٽڪري ۾ هڪ خاص قسم جي ٻولي/لهجو ڳالهايو ويندو آهي، جنهن کي پارڪري چئبو آهي. هن لهجي جو گجراتي سان قريبي رشتو آهي، پر پارڪري تي گهڻو اثر آهي. [1] پارڪري ٻولي گجراتي ٻولين جي نُک مان آهي. هي ٻولي ٿرپارڪر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳالهائبي آهي.

پاڪستان ۾ پارڪري ٻولي عربي رسم الخط ۾ سنڌي لپيءَ سان لکبي آهي، مگر منجهس ٽي اکر واڌارا آهن.

  • ۮ (06EE)
  • ۯ (06EF)
  • ۿ (06FF)

پارڪري ٻوليءَ جا هيٺيان لهجا آهن:

  • ميواسي
  • ٿرادري
  • ڪڇي
  • ساچوري
  • وڍياڙي

هن ٻوليءَ ۾ پهريون ڪمپيوٽر تي ٽائپ ٿيل ڪتاب ڪِرپن واوَ آهي جيڪو 1985 ۾ ڇپيو.

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي