ڌاڻا (Coriender)، جن جو نباتاتي نالو ڪوريئنڊم سئٽيوم (Coriendum Sativum) آھي، کي اردو/هندي ۾ ڌَنيا يا ڪوتمير چوندا آهن. هيءَ ڀاڄي به عام آهي، هتي جي پڙن ۾ ٻين ڀاڄين سان گڏ، سرد موسم ۾ پوکبي آهي. هن جي پن ۾ سرهي خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري ٻيءَ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ وجهي رڌيندا آهن. پن چٽڻيءَ ۾ ڦوديني (Mint) سان گڏ به کپندا آهن. ڌاڻا پڪي کان پوءِ ٻج جهليندا آهن، جو سڪائي رکندا آهن ۽ پِيهي ٻئي مصالحن سان گڏ ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ يا ٻيءَ طرح ڪم آڻيندا آهن.[1]

ڌاڻا
ڌاڻن جي مختلف حصن جو خاڪو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڪوريئنڊرم
جنس: Template:Taxonomy/ڪوريئنڊرم{. سئٽيوم
حياتياتي نالو
ڪوريئنڊرم سئٽيوم
ڪارل لينئي
ڌاڻن جا گل

ان جو عربي نالو گزبره يا ڪزبرہ، فارسي ۾ ڪشنيز، هندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ نالو دهنيا، فوريون، فاتره ۽ بروغائون آهي. ان جو اثر سرد ۽ خشڪ آھي طب جي تحقيق مطابق ويسر ڪرائي ٿو. ان جي ٻج جو وزنڻ پنجن کان ست ماسا ھوندو آھي، جيڪو خوشبودار، گول ڀوري رنگ وارو ھوندو آھي. ان جي طبي خاصيتن مطابق ان جو ٻج معدي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏيندو آهي، معدي جا بخار جيڪي دماغ ڏانهن وڃن ٿا، اُنهن کي روڪيندو آهي. خفقان ۽ وسواس لاهين ٿا، هاضمي کي طاقت ڏين ٿا، دستن ۽ منيءَ جي وهڻ کي بند ڪن ٿا، ننڊ آڻين ٿا. مٿي جي سور، مٿي جي ڦيري، بواسير جي رت لاءِ فائديمند آهي. هنن جو ڪاڙهو وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي گهڻي استعمال سان شهوت گهٽجي ٿي.[2]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو