پاڻي جي ڄميل صورت کي برف چئبو آهي. پاڻيءَ جي اها صورت، جيڪا سخت ٿي وڃي. برف عام طور تي شفاف هوندي آهي يعني ان مان روشني آساني سان گذري ويندي آهي. جڏهن برف ڄمندي آهي ته ان جي ذرن ۾ هوا قيد ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري برف اسان کي اڇي نظر ايندي آهي. هيءَ بي رنگ ۽ شفاف ٿيندي آهي. هيءَ ٻڙي سينٽي گريڊ تي ڄمي وڃي ٿي. ’يخ‘ حالت ۾ هن ۾ ڇهن پهلوئن وارا قلم ٺهندا آهن.[1]

برف

برفباريءَ ۾ برف هلڪي ٿي غبار جي صورت ۾ بدلجي ويندي آهي. برف جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ اها عام ٺوس برف (ice) هوندي آهي ۽ ٻي اها جيڪا آسمان مان ڪپهه وانگر پشمي گولن جي صورت ۾ وسندي آهي. ان کي هِم (Snow) چوندا آهن. آسمان مان ڳوڙهن جي صورت ۾ ڪرندڙ برف کي ڳڙو (Hail) چئبو آهي.[1]

لفظ هِم سبب ئي هماليه جبل تي اهو نالو پيو آهي. يعني اهو ماڳ جتي هِم وسي ٿي. اهو زمانو، جڏهن دنيا برف سان ڍڪيل هئي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به انساني آباديءَ جا آثار نه هئا. جاگرافيائي اصطلاح ۾ اهو دور ”برفاني دور“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.[1]

سنڌ ۾ برف جو استعمال انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٿيو آهي. 1867ع ۾ هندستان ۾ برف ٺاهڻ جو پهريون ڪارخانو ٺهيو.[1]

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو

سانچو:NSRW Poster

سانچو:برف سانچو:پاڻي سانچو:قدرتي وسيلا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سال:2012ع