يو سي 28 پٺاڻ (انگريزي: U C 28 Pathan) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ پٺاڻ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ پٺاڻ، جتوئي، مشوري، بروھي، ڀاڳت، سيال، مڱڻ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ سوڀو ڀاڳت، ڳوٺ ترڪ علي بروهي، ڳوٺ غازي خان مشوري، ڳوٺ شادي جتوئي، ڳوٺ پٺاڻ، ڳوٺ غلام نبي خان جتوئي, ڳوٺ موسا ميتلو، ڳوٺ جمعو ميتلو، ڳوٺ لالو شيخ، ڳوٺ سنھو جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن.

پٺاڻ
يو سي 28 پٺاڻ
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 3
پٺاڻ is located in سنڌ
پٺاڻ
پٺاڻ
پٺاڻ is located in Pakistan
پٺاڻ
پٺاڻ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°25′58″N 68°09′20″E / 27.43278°N 68.15556°E / 27.43278; 68.15556مڪانيت: 27°25′58″N 68°09′20″E / 27.43278°N 68.15556°E / 27.43278; 68.15556
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين آفتاب ظفر سيال ۽ وائيس چيئرمين سڪندر علي جتوئي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ قاسم مڱڻ جو غلام محي الدين مڱڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/