يو سي 35 پراڻو آباد (انگريزي: U C 35 Purano abad) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 8,105 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ پراڻو آباد ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو سنڌو ندي جي ڪپ تي لاڙڪاڻو خيرپور روڊ تي درياء واري پل لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، انڙ، سيد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ آباد (آبادي 543) جنھن م ڳوٺ نئون آباد واقع آهي، ديھ ٻلھاري (آبادي 26), ديھ بھليم (آبادي 578)، ديھ دريا خان (آبادي 1,233)، ديھ گنجو (آبادي 120), ديھ نورپور (آبادي 733), ديھ پنجو کوکر (آبادي 3,836) جنھن ۾ ڳوٺ پراڻو آباد واقع آهي, دیھ صالحاڻي (آبادي 859), ديھ ٽڳڙ (آبادي 177)، ڳوٺ ڪيوڙو خان جتوئي، ھٽڙي غلام شاھ، ڳوٺ علي مراد ڪلھوڙو ، ڳوٺ گلاب جتوئي، ڳوٺ علي جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي جي ڏکڻ ۾ ميان الياس ڪلھوڙو جو مقبرو پڻ واقع آهي.

پراڻو آباد
يو سي 35 پراڻو آباد
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 10
پراڻو آباد is located in سنڌ
پراڻو آباد
پراڻو آباد
پراڻو آباد is located in Pakistan
پراڻو آباد
پراڻو آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°25′38″N 68°16′14″E / 27.42722°N 68.27056°E / 27.42722; 68.27056مڪانيت: 27°25′38″N 68°16′14″E / 27.42722°N 68.27056°E / 27.42722; 68.27056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 8,105

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نظير حسين جتوئي ۽ وائيس چيئرمين سبغت الله جتوئي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پراڻو آباد جو ممتاز علي انڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. پراڻو آباد ڳوٺ ۾ گورنمينٽ اسڪول سان گڏوگڏ يو ايس ايڊ جو اسڪول پڻ واقع آهي ۽ ڳوٺ علي جتوئي ۾ ھڪ ايليمينٽري اسڪول پڻ واقع آهي. صحت جي سھولتن لاء جتي ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/